اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرائيندڙ رٽائرڊ استاد سان وڏو فراڊ

0
62

مورو ۾ بينڪ جي اي ٽي ايم مشين مان پئسا ڪڍرائيندڙ رٽائرڊ استاد سان وڏو فراڊ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

جوابدار پئسا ڪڍرائيندڙ علي مراد لغاري جو وڏي فنڪاريءَ سان پِن ڪوڊ نوٽ ڪرڻ بعد ڪارڊ به مٽائي ڇڏيو

جوابدار اي ٽي ايم مشين مان نڪرڻ بعد رٽائرڊ استاد جي اڪائونٽ مان پوڻا 2 لک روپيا ڪڍرائي ورتا

فراڊ جو نشانو بڻيل استاد جي ڀاءُ نثار لغاري چيو ته ٺڳيءَ کانپوءِ منهنجو ڀاءُ صدمي ۾ اچي ويو آهي

واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج ۽ جوابدار جي نشاندهي ٿيڻ باوجود پوليس اين سي به داخل نه ڪئي آهي

متاثر موجب منهنجي ڀاءُ جا پئسا واپس نه ٿيا ته هو صدمي ۾ مري ويندو، آءِ جي سنڌ کي پئسا واپس ڪرائي