اين اي 216 مٽياري تان بشير ميمڻ جا نامزدگي ڪاغذ منظور

0
57

مٽياري جي قومي تڪ اين اي 216 تان نون ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن

مٽياري جي صوبائي تڪ پي ايس 57 تان مخدوم فخرالزمان ۽ مخدوم رفيق الزمان جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا

شڪارپور جي قومي تڪ اين اي 192 تان شبير بجاراڻي جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا آهن

قومي تڪ 193 شڪارپور تان شهر يار مهر، صوبائي تڪ پي ايس 7 تان امتياز شيخ ۽ پي ايس 8 تان عارف مهر جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن

ٺٽي جي قومي تڪ اين اي 225 ۽ صوبائي تڪ 76 ساڪرو تان پ پ اڳواڻ سسئي پليجو جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا

سسئي پليجو جي ڀاءُ سرمد پليجو جا به قومي تڪ اين اي 225، صوبائي تڪن پي ايس 75 ۽ 76 تان نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا آهن

ٺٽي ضلعي جي صوبائي تڪ پي ايس 76 تان پيپلزپارٽي جي اميدوار حاجي علي حسن زرداري ۽ سندس پٽ عاشق علي جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن