ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافي سنجي ساڌواڻي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر  ڪئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ايم ڪيو ايم جو ايم پي اي صداقت پوليس تي تشدد ڪري رهيو آهي جنهن جي جواب ۾ پوليس وارن کيس گرفتار ڪري ورتو ۽ ٽنگوٽالي ڪري کڻي ويا. هن لکيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي پوليس پوئتي ڌڪيو ته ايم پي اي صداقت پوليس تي حملو ڪيو هن پوليس تي لٺيون وسايون جنهن بعد پوليس مٿس تشدد ڪيو.