اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءِ واري وزير فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته آن لائين شاپنگ جي حوالي سان عالمي ڪمپنين مان هڪ ڪمپني ايميزون پاران پاڪستان کي سيلر لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري پاڪستان جو آن لائين ايڪسپورٽ لاءِ رستو کليو آهي، ايشيائي معيار تي مشاورت کان پوءِ ابتدائي طور تي ايميزون 40 ايڪسپورٽرن جي منظوري ڏني آهي هاڻي نوجوان پنهنجي ملڪ مان پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجون تيار ٿيل شيون وڪرو ڪري سگهن ٿا.