ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ايمن ڀيڻ جي مڱڻي وارين تصويرن تي ٿيل تنقيد تي ناراض ٿي وئي ۽ سڌيون ٻڌائي ڇڏيون. تفصيل موجب اداڪارا منال خان احسن محسن سان مڱڻي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون تصويرون وائرل ٿيڻ بعد ڪجهه مداحن پاران جوڙي کي مبارڪون ڏنيون ويون جڏهن ته ڪجهه مداحن سخت تنقيد ڪئي جنهن تي سندس جاڙي ڀيڻ ايمن خان خاموش رهي نه سگهي ۽ تنقيد ڪندڙن کي کريون کريون ٻڌائي ڇڏيون. اداڪارا چيو ته اوهان خاموش ٿي وڃو، کين سٺي نصيب لاءِ دعائون ڏيو.