ميروخان (رپورٽ: صفر گوپانگ ) ٽائون ڪاميٽي ميروخان جي اڪائونٽ ۾ آيل ماهوار او زي ٽي شيئر جي هڪ ڪروڙ 2 لک 92 هزار جي رقم ايف بي آر آفيس سکر جي حڪم تي ايف بي آر لاڙڪاڻو جي آفيسرن ٽائون آفيس ميروخان ڏي رهيل ٽيڪس جي مد ۾ کڻي ڇڏي آهي. ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي ٽائون ڪاميٽي ميروخان جي ايڊمنسٽريٽر شڪيل احمد وسطڙو ۽ ٽائون آفيسر ارباب علي مستوئي ٻڌايو ته ايف بي آر ٽائون آفيس ميروخان ڏي رهيل هڪ ڪروڙ 35 لک ٽيڪس جي مد ۾ فيبروري مهيني جو او زي ٽي شيئر جي سموري رقم کڻي ورتي آهي. هنن چيو ته اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين حاجي الله رکيو تونيو ۽ اڳوڻن ٽائون آفيسرز، ايڊمنسٽريٽرز پاران سال 2013 ع کان سرڪار کي مقرر ڪيل ٽيڪس جي رقم نه ڏني وئي هئي جيڪا 9 سالن ۾ وڌي هڪ ڪروڙ 55 لک تائين پهتي جنهن کان پوءِ ٽيڪس اوڳاڙي لاءِ ايف بي آر جي آفيسرن پاران 2 مهينا اڳ به ٽائون ڪاميٽي ميروخان جو اڪائونٽ منجمند ڪيو ويو هو, جنهن بعد ايف بي آر جي آفيسرن اسسٽنٽ ڪمشنر راشد سومرو ۽ ٻين سان هرمهيني 15 لک جي قسط ٽيڪس جي مد ۾ جمع ڪرائڻ جو معاهدو ٿيو هو پر ان باوجود ايف بي آر جي آفيسرن ميروخان ٽائون جو اڪائونٽ هڪ هفتو اڳ بند ڪرائڻ بعد فيبروري مهيني جي آيل او زي ٽي جي مڪمل ماهوار قسط هڪ ڪروڙ 2 لک 92 هزار ڪڍرائي اڪائونٽ خالي ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ ٽائون آفيس جي 400 کان وڌيڪ ٽائون ملازمن کي فيبروري مهيني جي پگهار ڏيڻ ۽ ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ به پئسا ناهن بچيا ٽي او ۽ ايڊمنسٽريٽر ميروخان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو وڪيل معرفت ڪورٽ ۾ ايف بي آر پاران ڪڍرايل رقم جي ري فنڊ لاءِ اپيل داخل ڪرائيندا جيڪڏهن رقم ري فنڊ نه ٿي ته ٽائون ملازمن کي فيبروري مهيني جي پگهار نه ملي سگهندي. هوڏانهن ايف بي آر لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر راشد سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽائون آفيس ميروخان ڏي سال 2013 ع کان سرڪاري ٽيڪس رهيل آهي جيڪا 2 مهينا اڳ هڪ ڪروڙ 55 لک تائين پهچي وئي هئي جنهن کان پوءِ ٽائون ڪاميٽي ميروخان جو اڪائونٽ منجمند ڪيو ته ٽي او ۽ ايڊمنسٽريٽر 15 لک ماهوار قسط ٽيڪس جي مد ۾ جمع ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر گذريل مهيني اها به جمع نه ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ٽائون آفيس ميروخان جو اڪائونٽ بند ڪرائي ٽائون جي اڪائونٽ ۾ آيل ماهوار قسط جي رقم ٽيڪس جي مد ۾ وصول ڪري ٽئڪس آفيس جي سرڪاري اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن جو واپس ٿيڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي.