ٽوڪيو (اسپورٽس نيوز) ايشين والي بال چيمپئن شپ جي ٽئين ميچ ۾ عالمي نمبر 10 ايران پاڪستان کي 3-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي. جاپان ۾ جاري ايشين والي بال چيمپئن شپ جي ٽئين ميچ ۾ ايران پاڪستان کي شڪست ڏني. ان کان اڳ پاڪستان ٿائي لينڊ ۽ هانگ ڪانگ کي شڪست ڏني هئي. شروعاتي ٻن ميچز ۾ ڪاميابي بعد پاڪستان ٽاپ 8 رائونڊ ۾ پهتو آهي.