ايشيا ڪپ سپر فور: ڀارت جي پاڪستان خلاف بيٽنگ جاري

0
173
ايشيا ڪپ سپر فور: ڀارت جي پاڪستان خلاف بيٽنگ جاري
ايشيا ڪپ سپر فور: ڀارت جي پاڪستان خلاف بيٽنگ جاري

ايشيا ڪپ ون ڊي سپر فور مرحلي جي وڏي مقابلي ۾ ڀارت جي پاڪستان خلاف بيٽنگ جاري آهي

ڪولمبو ۾ کيڏجندڙ ميچ ۾ پاڪستان ڀارت جي خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ڀارت هن وقت 8 اوورز ۾ بغير ڪنهن نقصان جي 47 رنسون ٺاهي ورتيون آهن

ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته بالنگ جو فيصلو پچ ڏسي ڪيو آهي، رانديگر فارم ۾ آهن هر ميچ کي نئون سمجهي کيڏندا آهيون

ٻئي پاسي ڀارتي ڪپتان روهت شرما چيو ته فرق نٿو پوي ته پهرين بيٽنگ ڪريون يا بالنگ، اسان کي سٺو کيڏڻو آهي، ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ئي ڪيون ها