ايشيا ڪپ: بنگلاديش سريلنڪا کي ميچ کٽڻ لاءِ 165 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو

0
344
ايشيا ڪپ: بنگلاديش سريلنڪا کي ميچ کٽڻ لاءِ 165 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو
ايشيا ڪپ: بنگلاديش سريلنڪا کي ميچ کٽڻ لاءِ 165 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو

سريلنڪا ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏي ويندڙ ايشيا ڪپ جي ٻئين ميچ ۾ بنگلاديش سريلنڪا کي کٽڻ لاءِ 165 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو

سريلنڪا جي شهر پالي ڪيلي ۾ جاري ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان شڪيب الحسن ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو سٺو نه هلي سگهيو ۽ بنگلاديش جي پوري ٽيم 43 هين اوور ۾ 164 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي

بنگلاديش طرفان ميچ جي شروعات محمد نعيم ۽ تنزيد حسن ڪئي، اوپننگ بيٽسمين تنزيد حسن صرف 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ پوءِ محمد نعيم به 25 رنسن جي مجموعي اسڪور تي پويلين موٽي ويو

ان کانپوءِ بنگلاديشي ڪپتان شڪيب الحسن به صرف 5 رنسون ٺاهي سريلنڪن مينڊس جي بال تي آئوٽ ٿي ويو

 ان موقعي تي نجم الحسين ذميداري سان بيٽنگ ڪئي پر ڪو به سندس ساٿ نه ڏئي سگهيو ۽ هڪ کانپوءِ وڪيٽون ڪرنديون ويون

ان کان علاوه توحيد 20 رنسون، محمد نعيم 16 ۽ مشفيق الرحيم 13 رنسون اسڪور ڪيون

بنگلاديش جي پوري ٽيم 42.4 اوورن ۾ 164 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي

سريلنڪا طرفان مٿيشا پاٿرانا 4 ۽ مهيش ٿيڪشنا 2 وڪيٽون حاصل ڪيون

 واضح رهي ته بنگلاديش ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين لتن داس وائرل بخار سبب ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو آهي ۽ ان جي جاءِ تي انعام الحق کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي

ملتان ۾ کيڏيل ايشيا ڪپ 2023 جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان نيپال کي 238 رنسن تان شڪست ڏني هئي

هن کي به پڙهندا

ايشيا ڪپ 2023 جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان نيپال کي 238 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي