ايس ايڇ او کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

0
212
صادق آباد ۾ واٽهڙو عورت سان نازيبا حرڪت ڪندڙ جوابدار گرفتار
صادق آباد ۾ واٽهڙو عورت سان نازيبا حرڪت ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايڇ او سچل کي گرفتار ڪري هٿڪڙيون هڻڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمر سيال توهين عدالت ڪيس ۾ ايس ايڇ او سچل ڳوٺ کي اڄ طلب ڪيو ھو  پر ايس ايڇ او بدران لاڳاپيل ٿاڻي جو اي ايس آءِ عدالت ۾ پيش ٿيو

عدالت اي ايس آءِ کي سوال ڪيو ته توهان ايس ايڇ او آهيو؟، اي ايس آءِ جواب ڏنو ته نه، مان ايڊيشنل آهيان، عدالت اي ايس آءِ کي ڇنڊ پٽي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته ايس ايڇ او جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري رهيا آهيون،  ايس ايڇ او کي گرفتار ڪري هٿڪڙيون هڻي سڀاڻي پيش ڪيو وڃي

واضح رهي ته عدالت اڄ توھين عدالت ڪيس ۾ ايس ايڇ او سچل کي طلب ڪيو ھو

هي به پڙهندا

ميهڙ ٽيڻي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش تي فرد جرم لاڳو

ڏينهن رات ڪم ڪري سکر ڊويزن ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم