ڏينهن رات ڪم ڪري سکر ڊويزن ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم

0
258
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري

سکر: سنڌ ھاءِ ڪورٽ سيڪريٽري تعليم کي سکر ڊويزن ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اميدوار آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿيا آهن ان باوجود کين نوڪري نٿي ڏني وڃي

عدالت جي پڇاڻي تي فناس کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري سکر  ڊويزن اندر استادن جون جايون خالي هُجڻ جو اعتراف ڪيو ۽ ٻڌايو ته خيرپور، گهوٽڪي ۽ سکر  ضلعن ۾8 هزار 619 پي ايس ٽي جون جايون خالي پيل آهن

ايڊيشنل فناس کاتي جي سيڪريٽري طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 60 نان ٽيچنگ جون جايون به خالي پيل آهن

جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته ٻارڙن جي مستقبل جو مسئلو آهي، ڇا اوهان چاهيو ٿا ته اسڪول بند ٿي وڃن؟، رات ڏينهن ڪم ڪري خالي جاين  تي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي ڀرتي ڪيو وڃي

درخواستگذارن جي وڪيل منظور لاڙڪ موجب عدالت سيڪريٽري تعليم کي سکر ڊويزن اندر خالي جاين تي هفتي اندر ڀرتي جو حڪم ڏنو آهي، عدالت چيو ته حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي اي ڊي اوز خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي

هي به پڙهندا

ميهڙ ٽيڻي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش تي فرد جرم لاڳو