ايس ايڇ او شام آزاد ڪندو، پئسن جو بندوبست ڪر: صدام لاشاري جي هڪ ٻي آڊيو وائرل

0
608

ٺل: جيڪب آباد ۽ ٺل پوليس طرفان مبينا مقابلي دوران ماريل نوجوان صدام لاشاري جي دوست سان ڪيل ڳالهه ٻولهه جي آڊيو ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي آهي

آڊيو موجب صدام لاشاري ٺل ٿاڻي تان پنهنجي دوست کي فون ڪري حال احوال ڏي ٿو، صدام مشتاق کوسو کي ٻڌائي ٿو ته مان اي سيڪشن ٿاڻي ۾ آهيان، ڇا مونکي آزاد ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو اٿئي؟

مشتاق کوسو پنهنجي دوست صدام کي ٻڌائي ٿو ته ايس ايڇ او اڄ 11 هين وڳي آزاد ڪرڻ جو چيو آهي، صاحب لاءِ 20 به مولوي کي ڏنا آهن

اي سيڪشن پوليس پاران صدام لاشاري جي گرفتاري بعد اي سيڪشن ٿاڻي لاڪپ ۾ رکڻ جو اهم ثبوت ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتا

هٿ آيل آڊيو مان ظاهر ٿيو ته پوليس صدام لاشاري کي اڳ ۾ گرفتار ڪري اي سيڪشن ٿاڻي ۾ ٻه ڏينهن قيد رکيو بعد ۾ سندس موت واقع ٿيو

هي به پڙهندا

ڀاءُ جي قتل جي شفاف جاچ ڪئي وڃي: صدام لاشاري جي ڀينرن جو ايس ايس پيز کي قرآن پاڪ ڏيندي مطالبو