دادو ( رپورٽر ) ڪي اين شاھ ۾ ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار ٻن سالن کان گرفتار نه ڪرڻ تي سيشن جج دادو منو مل کڳيجا جي عدالت ، ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ کي طلب ڪري کائنس پڇاڻو ڪيو آهي ته خيرپور ناٿن شاھ ۾ زمين جي تڪرار تان مختيار ۽ نظير کونهارو کي قتل ڪيو ويو ۽ داخل ايف آء آر ۾ محمد نواز ، قمبر ، عبدالرشيد ، جبار ، لياقت ۽ نويد کونهارو نامزد آهن. 18 مهينا گذري ويا آهن پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڇو نه ٿي ڪري جنهن تي ايس ايس پي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عدالت کي مهلت جي اپيل ڪئي، عدالت پاران ايس ايس پي کي مهلت ڏيندي 30 ، آڪٽومبر تي جوابدار گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.