ايران پاران سنڌ ۾ زرعي سيڪٽر ۽ ٻين شعبن ۾ 25 ملين ڊالر سيڙپڪاري جو فيصلو

0
221
ايران پاران سنڌ ۾ زرعي سيڪٽر

ڪراچي: ايران سنڌ ۾زرعي سيڪٽر ۽ ٻين شعبن ۾ 25 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ سان ايران جي قونصل جنرل حسن نوريان وساڻ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن، زرعي سيڪٽر ۾ سهڪار سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ايران پاران سنڌ کي ٽريڪٽر، ڪمبائنڊ هارويسٽر ۽ ٻي زرعي مشينري ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي

ايراني قونصل جنرل موجب ايران سنڌ کي سيڊ، ڪولڊ اسٽوريج، هائبرڊ سيڊ ٻين ملڪن کان سستي قيمت تي ڏيڻ چاهي ٿو

ايراني قونصل جنرل چيو ته ايران سنڌ ۾ زرعي سيڪٽر ۽ ٻين شعبن ۾ 25 ملين ڊالر جي سرمايه ڪاري ڪرڻ چاهي ٿو

صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته سنڌ جو ضلعو خيرپور لکين ٽن کجي پيدا ڪري ٿو، جيڪا ٻاهر به موڪلي وڃي ٿي، پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ حڪومت آبادگارن جي خواهش تي نئي زرعي ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائڻ چاهي پئي

هن چيو ته ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد جو ڪيلو ايران کي وڏي تعداد ۾ ايڪسپورٽ ڪيو وڃي ٿو، عمران خان جي دور ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڪٽ لڳايو ويو هو جيڪو اڃا تائين جاري آهي

منظور وساڻ چيو ته سنڌ جو مطالبو آهي ته اسان کي آبي معاهدي تحت حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن زرعي سيڪٽر تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي