اياز لطيف پليجو جو وزيراعظم کي خط، آدمشماري تي خدشا ظاهر

0
173

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي آدمشماري تي خدشا ظاهر  ڪيا آهن

خط ۾ اياز لطيف پليجو چيو آهي ته هڪ لساني ڌڙي جي اثر هيٺ آدمشماري ڪرائي پئي وڃي، سنڌ کي آدمشماري تي شديد خدشا آهن، اهم معاملي ۾ ناانصافي تي صوبي جا ماڻهو خاموش نه ويهندا

خط موجب قومي عوامي تحريڪ سوڌو سنڌ جي ٻين سياسي پارٽين به آدمشماري کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اهو نظر اچي پيو ته مخصوص رٿابندي تحت سنڌ ۾ ٻهراڙي جي آبادي کي گهٽايو پيو وڃي

اياز لطيف پليجو وزير اعظم کي لکيو ته ڪوهستان، ٿر، ڪاڇي ۽ ساحلي پٽي سوڌو سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن جي آبادي کي نه ڳڻيو ويو آهي، جڏهن ته اياز لطيف پليجو سنڌ مخالف ۽ تڪراري آدمشماري روڪڻ جو به مطالبو ڪيو