ڪراچي(شوبز نيوز) سوشل ميڊيا تي جمائما گولڊ اسمٿ جي خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڏنل انٽرويو جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي. جمائما ان انٽرويو دوران پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪندي چئي ٿي ته ”مونکي پاڪستان سان تمام گهڻي محبت آهي ۽ مان ان ملڪ جي لاءِ انتهائي حد تائين جذباتي آهيان، جيتوڻيڪ هتي ڪجهه شيون ڪڏهن ڪڏهن تڪليف به ڏينديون آهن.“ هن چيو ته جيئن توهان سڀني کي خبر آهي ته هي منهنجي ٻارن جو گهر آهي ۽ مان هتي وڏي ٿي آهيان. عمران خان جي اڳوڻي گهرواري خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته مان هي ملڪ گهميو ناهي پر هتي پنهنجي زندگي جا ڏهه سال گذاريا آهن ۽ ان جي لاءِ پاڪستان جون مهربانيون. جمائما گولڊ سمٿ پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي چيو ته هتي مون پنهنجي جواني جو هڪ ڏهاڪو گذاريو آهي ۽ مونکي محسوس ٿيندو آهي ته مان هتي ئي وڏي ٿي آهيان. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مونکي ائين لڳندو آهي ته پاڪستان منهنجي روح جو حصو آهي.