اوٻاوڙو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو

0
235
اوٻاوڙو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو
اوٻاوڙو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو

اوٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو، جڏهن ته هڪ شهري زخمي ٿي پيو

اسپيشل برانچ جو پوليس اهلڪار سلطان رند ۽ ٻيا شهري ريتي روڊ تي واڪ ڪري رهيا هئا ته اوچتو موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مٿان فائرنگ ڪري ڏني

فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهڪار سلطان رند ٿڏي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته واڪ ڪندڙ شهري پپو شيخ سخت زخمي ٿي پيو

واقعي بعد مقتول اهلڪار جي وارثن لاش نيشنل ھاءِ وي تي رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

هڪ ڪلاڪ بعد ايس ايڇ او اوٻاوڙو قلب عباس شاهه ۽  موٽري وي پوليس جو ڊي ايس پي عمران عطاري ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول اهلڪار جي وارثن کي انصاف جي خاطري ڪرائيندي روڊ کولرائي ڇڏيو