اوٻاوڙو ڀرسان قتل ٿيل همراهه جو قاتل مقتول جو ڀاءُ جو نڪتو

0
173

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ ٻوڙي ۾ قتل ٿيل همراهه جو قاتل مقتول جو ڀاءُ نڪتو، جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي

ايس ايڇ او محمد ايوب ڏوگر ۽ ڊي ايس پي اوٻاوڙو راڻا نصرالله ٻڌايو ته گرفتار ڪيل جوابدار عبدالغفار سولنگي ڏوھ جو به اعتراف ڪيو آهي

پوليس موجب جوابدار ٻڌايو ته هن جا سندس ڀاڄائي سان ناجائز تعلق هئا، جنهن کي منهنجي ڀاءُ ظفر سولنگي رات جو گهٽا ڏئي قتل ڪيو ته مان ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ڀاءُ ظفر علي سولنگي مٿان حملو ڪري ڇري هڻي ڳلو ڪپي قتل ڪيو

ڊي ايس پي ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

ھي به پڙھندا

اوٻاوڙي ڀرسان زال مڙس ڪهي قتل