اولمپڪس ۾ پاڪستان جو سفر بنا ميڊل جي ختم، جيولين ٿرو ۾ ارشد نديم جو پنجون نمبر

0
201

ٽوڪيو(اسپورٽس نيوز) ٽوڪيو اولمپڪس ۾ جيولين ٿُرو ۾ به پاڪستان کي ڪو ميڊل ملي نه سگهيو، پاڪستاني ايٿليٽس جو سفر بنا ڪو ميڊل کٽڻ جي ئي مڪمل ٿي ويو، ڀارت پهريون گولڊ ميڊل کٽي ورتو. پاڪستان جو ارشد نديم پنجين نمبر تي آيو. جيولين ٿرو جا فائنل مقابلا ڪالهه ٿيا. پهرئين مرحلي ۾ 12 ايٿليٽ شامل هئا. جن مان ٻئي رائونڊ جي لاءِ ٽاپ 8 ڪامياب ٿيا، جن مان ارشد 84.62 جي اسڪور سان چوٿين نمبر تي هو. ميڊل رائونڊ ۾ ارشد نديم متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ سبب ميڊل واري مقابلي مان ٻاهر ٿي ويو. هو پنجين نمبر تي رهيو. ڀارت جي نيرج چوپڙا مقابلي ۾ گولڊ، جمهوريه چيڪ جي جيڪب واڊ ليچ سلور ۽ جمهوريه چيڪ جي ئي ڪي ويتي سلاف ويسلي برانز ميڊل پنهنجي نالي ڪيو. حيران ڪندڙ طور عالمي رينڪنگ ۾ پهريون نمبر جرمن رانديگر جولين ويبر به ميڊل جي مقابلي مان ٻاهر ٿي ويو ۽ سندس پوزيشن چوٿين رهي. اهڙي ريت ٽوڪيو اولمپڪس ۾ پاڪستان جو پورو ٿيو ۽ ان جا 10 ايٿليٽس ڪو به ميڊل پنهنجي نالي نه ڪري سگهيا. فائنل ۾ پهرئين مرحلي ۾ سمورن 12 ايٿليٽس 3،3 ڀيرا نيزا اڇلايا جنهن کانپوءِ آخري چار ايٿليٽس ميڊل مقابلي مان ٻاهر ٿيا پوءِ ٽاپ 8 مان وڌيڪ 3،3 ڀيرا مقابلو ٿيو جنهن ۾ ارشد نديم پنجين نمبر تي رهيو. پنهنجي ڪارڪردگي تي ارشد نديم به مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته عوام جي اميدن تي پورو لهي نه سگهيس جنهن ڪري معذرت ڪريان ٿو.