ڪراچي(شوبز نيوز) نيٽ فلڪس تي رليز ٿيندڙ فلم هيرا منڊي ۾ وحيده جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره سنجيده شيخ پنهنجي اڳوڻي مڙس عامر علي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اهڙا مرد به آهن جيڪي عورتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ بدران انهن کي روڪيندا آهن، انهن کي اڳتي وڌڻ ناهن ڏيندا. سنجيده شيخ 2012ع ۾ عامر سان شادي ڪئي هئي. هن چيو ته اهڙا مرد ڪوشش ڪندا آهن ته عورتون اڳتي نه وڌن ۽ اهي انهن جي رستن ۾ رنڊڪ وجھندا آهن، اهڙن ماڻهن سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏڻ گھرجن. هن وڌيڪ چيو ته خوش قسمت سمجھان ٿي ته جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي پاڻ سنڀالي ورتم ۽ هاڻي زندگي ڏانهن موٽي رهي آهيان.