لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي صدر شهبازشريف چيو آهي ته حڪومت قومي خزاني سان اهو ئي ڪري رهي آهي جيڪو اٽي ۽ کنڊ سان ڪيو ويو، اپوزيشن ليڊر شهبازشريف چيو آهي ته اهم انگ اکرن ۾ هير ڦير ٿيندي ته درست منصوبابندي ناممڪن آهي، ملڪ ۽ قوم کي بحران مٿان بحران کي منهن ڏيڻو پوندو، 140 ارب جي ايف بي آر کي ادائگي تي اي جي پي آر اعتراض ريونيو انگ اکر جي ساک جو پول پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. شهبازشريف چيو ته اڪائونٽينٽ جنرل پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪري رهيو آهي ته ٽيڪس ريفنڊ جي ادائگي بعد ريونيو ۾ گهٽتائي ڏيکاري وڃي، اهو انڪشاف ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي ريت حڪومت معاشي ۽ شمارياتي انگ اکرن ۾ مسلسل ڳڙ ٻڙ ڪرڻ ۾ مصروف آهي، گذريل سال به 100 ارب جي ايڊجنسٽمينٽ ڪئي وئي، رپورٽ مان خبر پئجي رهي آهي ته حڪومت ڪيترو سچ ڳالهائي رهي آهي. نواز ليگ صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرانٽس کي استعمال ڪري وڌيڪ روينيو ڏيکارڻ جي حڪومتي چالاڪي قوم سان دوکو آهي، جيڪڏهن انگ اکر غلط هوندا ته صوبن کي ٽيڪس وصولين ۾ حصو به غلط ئي ملندو.