ڪراچي(ڪامرس نيوز) پاڪستان جي رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي. انٽربينڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 2 پئسا سستو ٿي ويو ۽ نئون اگهه293 رپيا 88 پئسا تي بند ٿيو. هڪ ڏينهن اڳ انٽربينڪ ۾ ڊالر 294 رپيا 90 پئسن جو هو. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ رپئي جي اگهه ۾ اضافو ٿيو ۽ ۽ ڊالر اڍائي رپيا سهانگو ٿي ويو. هڪ ڏينهن اڳ ڊالر جي وڪري جو اگهه 298 رپيا 50 پئسا جيڪو گهٽجي 296 رپيا ٿي ويو. انٽربينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ فرق 2 رپيا 12 پئسا رهيو.