واشنگٽن (دلچسپ نيوز)ڪيليفورنيا يونيورسٽي، سان ڊياگو آڱرين جي چوٽين تي سنها اسٽيڪر لڳائي بجلي ٺاهڻ جو عملي ڪم ڪيو آهي، جنهن سان انساني پگهر مان بجلي تيار ڪري سگهجي ٿي.پگهر مان بجلي ٺاهڻ واري ان اوزار کي بايو فيول سيل (بي ايف سي) ڪيو ويندو آهي، جن کي پائڻ سان ايتري بجلي ته ٺاهي سگهجي ٿي ته هٿ ۾ استعمال ٿيندڙ شين کي چارج ڪري سگهجي، بي ايف سي انسان جي ننڊ ۾ هجڻ دوران به بجلي ٺاهي سگهي ٿو، ان سان گڏوگڏ اهو ڪي بورڊ جي ٽائپنگ دوران به بجلي ٺاهي سگهي ٿو.بي ايف سي ٺاهڻ واري سائنسدان جوزف وينگ چيو آهي ته اسان جي خواهش آهي ته ماڻهو ڇهڻ، ٽي وي ڏسڻ يا کائڻ ۽ پيئڻ دوران به بجلي ٺاهي سگهن، اهو ئي سبب آهي جو ان ٽيڪنالاجي کي انقلابي قرار ڏنو ويو آهي. جوزف نينو انجنيئرنگ جو ماهر آهي.ماهرن چيو آهي ته ان جي لاءِ آڱريون بهترين چونڊ آهي، ڇو ته آڱرين جي چوٽين ۾ پگهر جا غدود وڏي مقدار ۾ موجود هوندا آهن، شايد اهو ئي سبب آهي ته آڱرين جون چوٽيون پگهر ۾ ٻڏل هونديون آهن ته جيئن اسان شين کي سنڀالي سگهون.