امير سنڌ جي غريب قومي تحريڪ

0
571

چوندا آهن ته معيشت ڪرنگهي جي هڏي هوندي آهي، پر امير سنڌ جا خوشحال ماڻهو به جڏهن وڏي شد مد سان سنڌ جي قومي تحريڪ تي ڳالهائيندا ۽ آڱريون کڻندا آهن ته اهو وساري ويهندا آهن يا ان تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪندا آهن ته سنڌ جي قومي تحريڪ جي معاشي سگھه ڇا آهي؟ ڦري گھري اچي ڳالهيون انهن چند فردن تي مرڪوز ٿينديون آهن، جيڪي قومي تحريڪ ۾ غريب مان امير ٿي ويا ۽ پوءِ انهن گلائن غيبتن ۾ سڀ پنهنجو پاند آجو ڪري ويهي رهندا آهن. اهو پاسو پورو ٿيندو ته وري چوندا “اوهان ۾ افعال ڪونهي، کٽي هڪڙي يونين ڪائونسل به نٿا سگھو، اجايو پنهنجو وقت ٿا ضايع ڪيو.” سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ٿئي، سنڌ جي سر زمين تي قبضو ۽ والار ٿئي، سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙو لڳي، سنڌي سمنڊ تي قبضو ۽ ٻيٽن جي نيلامي ٿئي ته تحريڪ اسان کي هلائڻي آهي. سڀني کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ اسان کي ڪرڻو آهي. سڄي سنڌ م جلسا جلوس، ڪراچيءَ ۾ ڪانفرنسون ۽ ڌرڻا، اسان کي هڻڻا آهن. قومي تحريڪ جي سرواڻي به ڪرڻي آهي. مزاحمتي تحريڪ به هلائڻي آهي. پارليامينٽري سياست به ڪرڻي آهي. مالي مدد به ناهي ڪرڻي. افرادي قوت جي اجتماع ۾به ڪو ڪردار ناهي ادا ڪرڻو باقي مفت مشورن جا انبار ۽ تنقيدن جا تير آهن، جن جون ڀريون ٻڌي اسان کي مزاحمتي تحريڪ به منظور ڪرڻي آهي ۽ پارليامينٽري مورچو به فتح ڪرڻو آهي. عجيب منطق آهي.!!!!ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي، سنڌي سمنڊ تي والار ٿي. ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن جي نيلامي ٿي، صدارتي آرڊيننس ذريعي وفاق قبضوڪيو، سنڌ حڪومت ان ساز باز ۽ نيلاميءَ ۾ پاڻ شريڪ هئي ۽ ٻيٽن کي نيلاميءَ جي اين او سي به ڏئي ڇڏي هئي ۽ پوءِ جڏهن سنڌي قومي تحريڪ ۽ مزاحمت شروع ٿي ته سنڌ حڪومت پوئتي پير ڪرڻ شروع ڪيا. ان تحريڪ جو وڏو بار محترم جلال محمود شاهه جي قيادت ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي تي پيو، جنهن قومي تحريڪ جو احتجاجي پليٽ فارم سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي صورت ۾ متحرڪ ۽ منظم ڪري ورتو ۽ اتان کڻي ڪراچي ۾ ملڪي سطح جي ڪانفرنس ڪرائي. ان تحريڪ جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت جو دائرو وسيع ڪيو ويو. ڪراچي ڪانفرنس ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي اجتماعن کانپوءِ وفاق اهو صدارتي آرڊيننس اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ وفاق سنڌ حڪومت کي طعنا مهڻا ڏئي في الحال چپ ٿي ويو آهي. اها تحريڪ هلائيندي به اسان کي سڀ کان وڌيڪ جنهن مسئلي کي منهن ڏيڻو ٿي پيو، اهو هو معاشي مسئلو. بنا پيٽرول به گاڏي هلي سگھي ٿي ڇا؟
هاڻ جڏهن سنڌ جي سر زمين تي والار خلاف تحريڪ جو آغاز بحريه ٽائون جي قبضي ۽ والار خلاف تحريڪ سان ٿي رهيو آهي ته سچ اهو آهي ته معاشي سگھه جي ڪمزوري ڪنهن به وسيع ۽گھڻ مدتي گھڻ رخي تحريڪ کي منظم ڪرڻ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي آڏو اچي رهي آهي. ان سلسلي ۾ 26 مئي تي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي جنرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ به اها صورتحال سامهون آئي. هر ضلعي مان اها رپورٽ آئي ته هن ڀيري قومي ڪارڪنن سان گڏعوام جي شرڪت به متوقع آهي، پر مالي وسيلن جي کوٽ سبب ان تي عملدرآمد ڪرڻ مشڪل پيو لڳي. هڪ ڏينهن ته ڇا هڪ مهينو به ڌرڻو هڻي سگھجي ٿو ۽ وسيع عوامي مزاحمت جو ميدان سجائي سگھجي ٿو، پر ان لاءِ گھربل معاشي سگھه کان قومي تحريڪ محروم آهي. جڏهن به ڪا تحريڪ هلائجي ٿي ته هر ضلعي ۾ جيڪي ٻه چار پنج اٺ خوشحال فرد ۽ گھراڻا قومي تحريڪ سان ڳانڍاپيل هجن ٿا، سڄو هاٿي بار اچي انهن جي مٿان پوي ٿو. باقي حصو پتي ڪي پراڻا قومي ڪارڪن يا قومي تحريڪ سان لاڳاپيل ۽ همدرد دوست ڳنڍين ٿا ۽ ايئن مڙئي قصو وقتي طرح پار ٿيو وڃي. وري به انهن سڀني کي شابس آهي، جيڪي پنهنجي جذبي سان ۽ بنا ڪنهن غرض جي، بنا پنهنجو نالو ڳڻائڻ جي هر ڀيري قومي تحريڪ جا ڀرجهلا ٿين ٿا. هونئن ته غريب امير سڀ درگاهن، مندرن، مسجدن، مئخانن ۽ مقبرن وغيره کي ڪروڙين اربين رپيا بنا سوال جواب جي نذر ڪن ٿا، پر قومي تحريڪ لاءِ فنڊ ڏيندي سو سوال اُڀا ٿي ٿا وڃن!! ٻيو نه ته “نيڪي ڪر دريا ۾ ڦٽي ڪر” تي ئي کڻي ڪو عمل ڪري. اڳ ته ايمانداري ۽ ويساهه جو سوال اڀاريو ويندو هو. پر هاڻي ته ٻٽي نظام کان سامونڊي ٻيٽن ۽ بحريه تائين تحريڪ جي اڳواڻي محترم جلال محمود شاهه جي هٿ ۾ رهي آهي، جنهن هميشه قومي تحريڪ تي پنهنجي گھران وڙان خرچ ڪيو آهي ۽ جنهن جي ايمانداري ۽ ساک جي شاهد ته سڄي سنڌ آهي پوءِ به ايڏو هٿ بند ڇو؟
محدود ڪردارن جي بدڪرداريءَ سبب ماڻهن به ايئن کڻي مٺيون بند ڪيون آهن، جو هاڻي باڪردار ماڻهو به قومي تحريڪ لاءِ فنڊ گھرندي هٻڪن ٿا ته ڪٿي وري اسان تي به نه آڱر کڄي وڃي. ماضيءَ ۾ چندن جي آڙ ۾ جيڪي ڏاڍ مڙسيون ۽ ويساهه گهاتيون ٿيون آهن، تن به قومي تحريڪ جي معاشي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، پر ماضيءَ جي مام مان نڪري اسان کي نئين دور ۽ نئين سوچ سان اڳتي وڌڻو آهي. محدود وسيلن سان رڳو محدود تحريڪ ئي هلي سگھي ٿي. سگھاري ۽ پاڻ ڀري معيشت بنا سگھاري ۽ پاڻ ڀري قومي تحريڪ هلائڻ به ممڪن ڪونهي. اسان کي قومي تحريڪ کي معاشي سگھه فراهم ڪري ان کي پاڻ ڀرو ڪرڻ جي سوال تي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو ۽ ڪا نئين حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. اهو سوال ۽ چئلينج آئون سڀني سنڌ جي سپوتن آڏو رکان ٿو.
سنڌ جي قومي تحريڪ تاريڪي ۽ زوال جي دورمان نڪري نئين اُڀار، نئين سگھه سان نکري رهي آهي. فردي ۽ گروهي سوچ تي هاڻي قومي سوچ ۽ جمهوري مزاج اوسر ڪري رهيو آهي. سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ ۾ سمورا فيصلا اجتماعي سوچ، ويچار۽ جمهوري طريقي سان ٿي رهيا آهن. محترم جلال محمود شاهه جو ايمانداريءَ سان گڏ ٻيو وڏو گڻ اهو به آهي ته هو سڀني کي ٻڌندو آهي ۽ هن سنڌ يونائٽيڊ پارٽيءَ تي به شخصي آمريت نه مڙهي آهي. قومي تحريڪ جي سرواڻ پارٽي ايس يو پي جي مرڪزي ادارن ۾ کليل بحث مباحثو ٿيندو آهي ۽ جمهوري طريقي سان فيصلي سازي ٿيندي آهي. جنهن ڪري ان تي عوام جو اعتماد به آهستي آهستي وڌي رهيو آهي. عوام سان ڳانڍاپي ۾ وچين طبقي جو ڪردار انتهائي اهم هوندوآهي، جيئن ته سنڌ جي نئين اُسريل وچولي طبقي ۽ خوشحال ماڻهن جي اڪثريت جا معاشي مفاد پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سان ڳانڍاپيل آهن، تنهن ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ جو نه رڳو معاشي بنياد ڪمزور آهي پر اها ان وسيع سگھه ۽ صلاحيت کان به محروم آهي، جيڪا هن کي سٺ، ستر ۽ اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي وچولي طبقي فراهم ڪئي هئي. هاڻي قومي تحريڪ جو ڪارڪن غريب ، قيادت خوشحال آهي. ڪالهه سنڌ جو وچولو طبقو قومي تحريڪ جي وڏي سگھه بڻيل هو، اهو اڄ پنهنجي سگھه پيپلزپارٽيءَ کي فراهم ڪري رهيو آهي. زباني ڪلامي همدردي قومي تحريڪ سان ڏيکاري رهيو آهي.
سنڌ جو پڙهيل ڳڙهيل وچولو طبقو ۽ خوشحال ماڻهو جڏهن اها ٻٽي پاليسي ترڪ ڪري پنهنجو وزن قومي تحريڪ جي پلڙي ۾ وجھندو تڏهن ئي قومي تحريڪ جو پڙ ڳرو ٿيندو. سنڌ جو وچون طبقو هاڻي معاشي طور ته ڪافي سگھارو ٿي چڪو آهي ۽ ذهني صلاحيتون به ڪافي اڳتي آهن، پر هيءُ جيڪا بدعنوان ذهنيت پيپلزپارٽيءَ جي لاڳيتي حڪومت اڀاري آهي تنهن سڄي سنڌي سماج جا اخلاقي بنياد تباهه ڪري ڇڏيا آهن. سنڌي قوم معاشي طور ضرور ڪجھه سگھاري ٿي آهي، پر اخلاقي طور جنهن ڏيوالپڻي جوشڪار ٿي آهي، تنهن جو مثال ڳولڻ لاءِ اسان کي تاريخ جا ورق ورائڻا پوندا ته ڇا اڳ به ڪڏهن سنڌي قوم ايڏي اخلاقي زوال جو شڪار ٿي آهي؟
اسان کي ته لاڳيتي قومي غلاميءَ به ڪڏهن ايڏي اخلاقي بدحاليءَ جو شڪار نه ڪيو هو، جيترو اسان کي ٻارهن سالن جي پنهنجن جي حڪمرانيءَ ڪيو آهي. نڪ جي پڪائي سان سڀ سنڌ جا سورما لڳا ويٺا آهن ۽ ويٺا سنڌ کي تين وال ڪن ۽ اسان ويٺا ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان انهن جي وڪالت ڪيون. نه رڳو وڪالت ڪيون پر انهن کي ووٽن ۽ وسيلن جون ڀريون به ٻڌي ٿا ڏيون. باقي جي پاڻ کان معيار لاهڻ لاءِ انهن کي ڪي معيارون ۽ مهڻا به ڏيون ٿا ته انهن کي هو ٽهڪن ۾ اڏائي ٿا ڇڏين. ملڪ ناهي بازار آهي. سياست ناهي ڪميشن جو ڪاروبار آهي. جيڪو وڪري جو مال ناهي ان لاءِ نه ووٽ آهي نه وسيلو . گھڻو گھڻو ٿيو ته چئبو ادا، ماڻهو ته ڀلو آهي پوءِ اسان جي ڪم جو ناهي!! اسان جي ڪم جو ته فلاڻو آهي. تنهن ڪري ووٽ به ان جو ۽ وسيلا به ان لاءِ استعمال ٿيندا. پوءِ بي ايمان ۽ بدعنوان ٿيو ته ڇا ٿيو. بس زميني حقيقت اها ئي آهي ۽ ان زميني حقيقتن جي دليلن اسان جي دانش جي منهن تي به دانگي ملي ڇڏي آهي.
سماجي ڪمن لاءِ ته ڪروڙين رپيا به گڏ ڪبا پر قومي تحريڪ لاءِ فنڊ جوڙڻ جو خيال به ڪڏهن ڪنهن کي نٿو اچي. سنڌي سماج ۾ اڄ به ايماندار سچن ۽ مخلص ماڻهن جي کوٽ ناهي پر اهي سياسي ميدان ۾ قومي تحريڪ ۾ پنهنجو حصو پتي وجھڻ ۽ سرواڻ ڪردار ادا ڪرڻ کان ڪيٻائن ٿا. جيستائين اهي سياست ۽ سرواڻيءَ جي ڪردار کان ڪن پيا ڪڍائيندا ۽ ٻنهي مان پيا اميدون رکندا، نا اميدي ۽ ناڪاميءَ جا داستان پيا ورجائيندا ته فتح ۽ ڪامرانيءَ جا داستان ڪيئن جڙندا.؟