اميدوار ڪيئن هارائي ويندا

0
147
اميدوار ڪيئن هارائي ويندا

اُھي ماڻھو ڌيان سان پڙھن جيڪي اليڪشن ۾ بيٺا آھن. توھان  اليڪشن ۾ ھارائي ڪيئن ويندؤ؟

  1. ڇا توھان کي خبر آھي ته پولنگ اسٽيشنز ڪيتريون آھن؟
  2. ھر پولنگ اسٽيشن ۾ پولنگ بوٿ ڪيترا آھن؟؟
  3. ھر پولنگ بوٿ لاءِ ٻه ايجنٽ ضروري آھن(ھڪ  پولنگ بوٿَ ۾ پولنگ عمل ڏي ڌيان ڏيندو ۽ ٻيو پولنگ اسٽيشن ٻاھران ووٽر جي رھنمائي ڪندو، ايجنٽ تربيت يافتا ھجڻ ضروري آھي)
  4. پولنگ اسٽيشن لاءِ ووٽر لسٽ توھان وٽ آھي ڇا انھي ۾ توھان جي ووٽر جو نالو آھي؟.
  5. توھان جي ووٽر وٽ شناختي ڪارڊ آھي ڇا انھي ۾ توھان جي ووٽر جي پيدائش جي تاريخ صحيح آھي؟
  6. ڇا ايجنٽ لاءِ کاڌي پيتي ، چانھه ۽ پاڻي جو پورو پورو بندوبست آھي ؟(ائين نه ٿئي ته ٻئي پاسي واجھائي ۽ ٻين جو ٿي وڃي) ڇا توھان ايجنٽ کي ٻڌايو آھي ته چيلنج ووٽ ڇا آھي۽ ٽينڊر ووٽ ڇا آھي ؟
  7. اليڪشن ۾ ٿيندڙ خرچ جو اندازو اڄ ئي لڳايو (اوڌر وٺي اليڪشن وڙهڻ وارا تڪليف ۾ رھيا آھن)ڇا توھان کي پارٽي اليڪشن فنڊ ڏئي ٿي؟

ھارائي وڃڻ کانپوءِ توھان جو حال ڪھڙو ٿيندو ان لاءِ ھردم تيار رھو (ڪيترائي توھان  کي ڇڏي ويندا ۽ ٿي سگھي ٿو توھان اڪيلا رھجي وڃو) ۽ جيڪڏھن کٽي وڃو ته به ڪيل ڳاٽي ڀڳل خرچن جي ڪري ڳاٽي ڀڳل قدم کڻي پاڻ کي ھارايل سمجھو. (فيس بوڪ وال تان ورتل)