اليڪشن 2024 جا تازه نتيجا، ڪي پي مان پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد اميدوار، پنجاب ۾ ن ليگ ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي اڳتي

0
89

اسلام آباد: اليڪشن 2024 جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري، قومي اسيمبلي جي 41 سيٽس تي پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويا

 29 سيٽس تي نواز ليگ جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا، پيپلزپارٽي جا 22 اميدوار قومي تڪن تي ڪامياب ٿي ويا آهن، لاهور جي قومي تڪ اين اي 130 تان نواز ليگ جو سربراهه ميان نواز شريف ڪامياب ٿي ويا

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار ياسمين راشد هارائي وئي، ميان نواز شريف هڪ لک 71 هزار 24 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو

 ياسمين راشد هڪ لک 15 هزار 43 ووٽ کڻي سگهي، لاڙڪاڻي جي قومي تڪ اين اي 194 تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي يو آءِ اميدوار راشد محمود سومرو کي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ڇڏي

 بلاول ڀٽو زرداري هڪ لک 31 هزار 217 ووٽ کڻي ڪامياب، راشد محمود سومرو 34 هزار 572 ووٽ کڻي سگهيو، لاهور جي تڪن تان شهباز شريف ۽ مريم نواز به ڪامياب ٿي وئي

هي به پڙهندا

ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ مڪمل، اليڪشن ڪميشن نتيجا روڪي ڇڏيا، ن ليگ کي لوڏو، پي ٽي آءِ جي حمايتي آزاد اميدوارن کي سرسي ملڻ جو امڪان