اليڪشن ڪميشن ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرز ۽ رٽرننگ آفيسرز جي جاري تربيت روڪي ڇڏي

0
142

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرز ۽ رٽرننگ آفيسرز جي جاري تربيت روڪي ڇڏي آهي

 اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي جاري ٽريننگ روڪي ڇڏي آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن 11 ڊسمبر تي معطل ڪري ڇڏيو هو

جسٽس علي باقر نجفي تحريڪ انصاف جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن پاران 8 فيبروري جون چونڊون بيوروڪريسي ذريعي ڪرائڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو هو