اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

0
286
توهين ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري
توهين ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن سنڌ صوبي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي

پهرين مرحلي ۾ سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي 14 ضلعن ۾ چونڊون ٿينديون

انهن ضلعن ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون 26 جون 2022 تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذ 10 مئي کان 13 مئي تائين لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن وٽ جمع ڪرايا ويندا، 28 اپريل تي ريٽرننگ آفيسرن پاران سندن آفيسن ۾ پبلڪ نوٽيس جاري ڪيا ويندا