اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اميدوارن جي اليڪشن ايڪٽ ترميمي آرڊيننس ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪاروائي خلاف درخواستن تي اعتراض ختم ڪري ڇڏيا. جسٽس عامر فاروق اليڪشن ايڪٽ ترميمي آرڊيننس ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ جاري ڪاروائي جي خلاف پي ٽي آءِ اميدوار علي بخاري، عامر مغل ۽ شعيب شاهين جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل سجيل سواتي پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته رجسٽرار آفيس هن درخواست تي اعتراض لاڳو ڪيا آهن، اسان آرڊيننس ۽ اليڪشن ٽربيونل خلاف اليڪشن ڪميشن جي ڪاروائي چئلينج ڪئي آهي. عدالت ٽنهي درخواستن تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا. وڪيل پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته اڄ ئي اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي مقرر آهي جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته درخواست تي نمبر لڳرايو پوءِ معاملي کي ڏسون ٿا.