افغانستان مان لڏپلاڻ، سنڌ حڪومت هاڻي کان ئي اکيون کولي

0
313
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

افغانستان مان آمريڪي فوجن جي واپسي کانپوءِ صورتحال ڪنهن جي ڪنٽرول ۾شايد نه رهي جنهن ڪري خطي جا ملڪ هن وقت کان ئي پاڻ سنڀالڻ ۾ لڳي ويا آهن،خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جي خطري ۽ ان جي پاڪستان تي پوندر اثرن ۽ پنهنجي حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ به قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيو جنهن ۾ فوجي قيادت چونڊيل اڳواڻن کي بريفنگ ڏني. ٻين شين سان گڏ انهي بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته 6 کان 8 لک تائين افغان پناهگير پاڪستان اچي سگهن ٿا جن کي سرحد تي ئي پناهگير ڪئمپن ۾ ترسائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سرحد تي فينسنگ لائين جو به ڪم تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي ته جيئن خراب ٿيندڙ صورتحال سبب ڪي دهشگرد فائدو وٺي پاڪستان جي پاسي نه ٽپي پون ۽ ملڪ ۾ امن امان جو حالتون خراب ٿين.اسان جو ماضي شاهد آهي ته جڏهن به افغانستان ۾ حالتون خراب ٿيون آهن يا گهرو ويڙهه ٿي آهي ان جو وڏي ۾ وڏو نقصان پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ کي پيو آهي ڇاڪاڻ ته پناهگيرن جي اڪثريت جو سڌو رخ سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچي هوندو آهي جتي هو سولائي سان سيٽل ٿي ويندا آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻه ڏينهن اڳ اهڙي خدشي جو اظهار ڪيو هو ته جيڪڏهن افغانستان مان لڏپلاڻ ٿي ته ان جو بار سنڌ تي پئجي سگهي ٿو جتي اڳ ۾ ئي لکن جي تعداد ۾ غير قانوني پرڏيهي ترسيل آهن ۽ سنڌ جي وسيلن تي بار بڻيل آهن.سنڌ ۾ گهڻي وقت کان وٺي انهن غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ سياسي تحريڪون هلنديون رهيون آهن پر ماضي ۾ انهن غير قانوني پرڏيهين کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ خاطر سرڪاري سرپرستي رهي آهي جنهن ۾ ڪي سياسي ڌريون پنهنجو ووٽ بئنڪ وڌائڻ لاءِ انهن کي غير قانوني طور شهريت ڏيارڻ جون ڪوششون ڪنديون رهيون آهن، جڏهن ته اسان جي نظام جي ڪمزورين جو فائدو وٺي رشوت عيوض لکن جي تعداد ۾ غير قانوني پرڏيهين پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرائي ورتا آهن. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته هڪ ته اهي مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن ٻيو اتان جا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سڀني کان خطرناڪ جيڪا ڳالهه آهي ته اهي صوبي ۾ امن امان جي خراب صورتحال جا به ذميوار رهيا آهن ڏوهن ۾ واڌگهڻو ڪري انهن غير قانوني پرڏيهين ۽ پناهگيرن جي ڪري ٿي رهي آهي،جن لاءِ آمدني جو وڏي ۾ وڏو ذريعو اهي ڏوهي ڪارروايون آهن آهن.جڏهن سوويت يونين جون فوجون افغانستان ۾ داخل ٿيون هيون ۽ آمريڪا سان گڏجي جهاد جي نالي تي سڄي دنيا مان ماڻهو اچي پهتا هئا ۽ پاڪستان به انهي جنگ جو حصو ٿي ويو هو جنهن جا اثر اهي نڪتا جو پرامن خطو هڪڙي بدامني جي ور چڙهي ويو اسمگلنگ کان وٺي اغوا هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف جهڙا غير قانوني ڪاروبار شروع ٿي ويا جن ڏوهن ۽ ڏوهارين جون فيڪٽريون پيدا ڪري ڇڏيون، جن جي باهه ۾ سنڌ ۽ ملڪ اڃان تائين سڙي رهيو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته هاڻي به اهڙي ئي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي پر هن وقت پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت ڪنهن به جنگ ۾ حصيدار ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جيڪا صورتحال کي ڏسندي بهتر فيصلو آهي پر انهي جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪو ان صورتحال کي نظر ۾ ئي نه رکجي ۽ پنهنجي حڪمت عملي طئي نه ڪجي، تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي نه رڳو وفاقي حڪومت پر سنڌ حڪومت کي به چوڪس رهڻ گهرجي جيڪي پناهگير پاڪستان ۾ داخل ٿين ٿا. انهن کي سرحد تي ئي پناهگير ڪئمپن تائين محدود ڪيووڃي ۽ سنڌ حڪومت کي هاڻي سان ئي پنجاب ۽ بلوچستان سان ملندڙ پنهنجي حدن تي سخت چوڪسي رکڻ گهرجي ته جيڪي غير قانوني طور افغان پناهگير داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪن انهن کي اتان ئي واپس افغان سرحد ڀرسان ڪئپمن ۾ موڪليو وڃي جيڪڏهن اهي هتي پهچي ويا ته هڪ ڀيرو ٻيهر امن امان کان وٺي ڏوهن جي وارداتن ۾ واڌارو ٿي ويندو ۽سنڌ کي وڏو نقصان پهچندو .