راولپنڊي(م ڊ) افغانستان ۾ طالبان جي قبضي بعد پاڪستان ۾ پهريون عالمي وفد سعودي عرب جي فوج جو آيو آهي. جنهن جي قيادت سعودي عرب جو چيف آف جنرل اسٽاف ڪري رهيو آهي. وفد پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي ۽ افغان صورتحال سميت خطي جي معاملن تي ڳالهايو. ان کان اڳ آمريڪا جي سفارتخاني جي ناظم الامور انجيلا اگلر به ملاقات ڪئي هئي.