اشو آف دي ڊِي … قتل، خودڪشي يا طبي موت ؟خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي سنيها جو لاش ملڻ بعد سوشل ميڊيا تي بحث

0
89

خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي سنيها جو هاسٽل مان لاش ملڻ بعد سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، ڪي ماڻهو ان کي قتل ته ڪي وري خودڪشي قرار ڏيندا رهيا ڪي وري طبي موت چوندا رهيا، سوشل ميڊيا تي اهڙن واقعن بابت مختلف سوال اٿاريا ويا ۽تجويزون به ڏنيون ويون، ان حوالي سان حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فطري موت کي صرف لائيڪ ۽ ڪمينٽس وٺڻ لاءِ اسڪينڊلائيز ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي، اهو عمل نه صرف ادارن پر قومي بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي، انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇوڪري ويچاري ته الله کي پياري ٿي وئي، مائٽن سٺو ڪيو زهر جو ڍڪ پي ڳوٺ ڇوڪري کڻي هليا ويا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ پوليس ۾ ايف آئي آر ڪرائڻ سان به انهن کي ڇا ملي ها هتي اڄ تائين ڪنھن انصاف مليو آھي؟ جنهن تي مقصود چانڊيو لکيو ته تعليمي ادارن ۾ روز نياڻين جا لاش ملن ٿا آخر ڪار انصاف نه ملڻ تي وارثن اھو چئي ڇڏيو ته بيمار رھندي ھئي ۽ نياڻي جو لاش کڻائي ھليا ويا کين پتو ھيو ته ٿيڻو ڪجھه ڪونه آھي .افسوس، سنڌي فياض لکيو ته اطلاع اهي آهن ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج آخري سال جي شاگردياڻي ڊاڪٽر سنيھا جي موت جي ذميوار ھاسٽل وارڊن به آھي، جنھن کي شاگردياڻين منٿون پئي ڪيون پر تنھن باوجود به تڙپندڙ شاگردياڻي کي اسپتال موڪلڻ کان روڪيندي رھي.انھيءَ صورتحال ۾ سندس بيچ جي باقي شاگردن ۽ ھاسٽل جي شاگردياڻين کي اھا اپيل آھي ته پنھنجو ڪردار ادا ڪن، انتظامي غفلت سميت ٻين پهلوئن کي سامھون آڻين. بلاول سنديلو لکيو ته مائٽ پني سني ٻچن کي تعليمي ادارن مان ڊگري وٺڻ لاءِ موڪلين ٿا جتان ڊگرين بدران لاش گهر پهچن ٿا افسوس، محمد يوسف ميتلو لکيو ته سنڌ جون درسگاھون نياڻين لاءِ قتل گاھون بڻجي چڪيون آھن، اسد انڍڙ، فدا حسين بجاراڻي به افسوس جو اظهار ڪيو، ڊاڪٽر شبير چانڊيو لکيو ته چپ به قتل ۾ برابر جي شريڪ آهي، سردار طلحه آرائين، وزير اوڍو، شڪيل احمد ڪيريو، عطا ايم ڪيريو، عابد علي، ثناءُالله سوڍو، راج ڪمار به افسوس جو اظهار ڪيو، هريش ڪمار لکيو ته ڏهرڪي شهر سان تعلق رکندڙ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي سنهيا جوتي ڪيسواڻي هاسٽل ۾ فوت ٿي وئي، واقعي جو ڪارڻ اڃان معلوم ناهي ٿي سگهيو، منظور سولنگي، انجنيئر اسلم، خليل احمد، هاشم کوسو، نندلال منگهاڻي، ڪشور ڪمار، دليپ راگهاڻي، گلشن سنڌو، حق نواز ميمڻ، موهن لال به افسوس جو اظهار ڪيو ۽ جاچ جي به گهر ڪئي، ماهنور شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لاقانونيت يونيورسٽين ۽ ھاسٽلن ۾ اسان جي نوجوانن کي کائي رھي آھي. جيڪڏھن ان لاقانونيت خلاف جنگ ڪرڻ بجاءِ اسان پنھنجي ٻچن کي گھر تائين محدود ڪنداسين ته يقينن ھڪڙي ڏينھن اھا لاقانونيت اسان جي گھر ۾ گھڙي اسان جي اکين آڏو اسان جا ٻچا کائيندي. جنهن تي عبدالقدير ميمڻ لکيو ته هن ڊاڪٽر شاگردياڻي جو موت ڪو خاص قسم جو پيغام آهي اسان سنڌين لاءِ تعليم جي حوالي سان، درشن لال لالواڻي لکيو ته اهي اطلاع آهن ته شاگردياڻي سنيھا جوتي ديوان ڪي ايم سي جي گرلس ھاسٽل ۾ تڙپندي رھي شاگردياڻيون ھاسٽل وارڊن کي ھڪ ڪلاڪ کان منٿون ڪنديون رهيون پيرين پونديون رھيون پوءِ به وارڊن اجازت نه ڏني. هاسٽل وارڊن ۽ سڪيورٽي انچارج جا ذميوار آهن جن کي باربار اطلاع جي باوجود نياڻي کي اسپتال نه کڻايو ويو ۽ اها ڪلاڪ تڙپڻ کانپوءِ هاسٽل ۾ فوت ٿي وئي، حميرا آريسر لکيو ته افسوس سنڌ جي نياڻين ۽ نوجوانن کي سازش ڪري تعليم جي راھ تان ھٽايو پيو وڃي شاگردياڻي سنيھا جوتي ديوان جو ڪي ايم سي خيرپور جي گرلس ھاسٽل مان لاش ھٿ…! رئوف وسطڙو لکيو ته معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، عمير راڄپر لکيو ته وڏو ظلم آهي، خليل جتوئي لکيو ته سنڌي نياڻي سان انصاف ٿيڻ گهرجي، شاهد ميراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  هر موت کي غلط رنگ ڏيڻ سان به توهان جي ڌرتي جي مظلوم نياڻين جو ڪيس خراب ٿيندو، سنيها، منهنجي ڀيڻ وانگر آهي، پر ٻيلي سنيها جا وارث چون پيا ته کيس دل جو دورو پيو، اسپتال کڻي ويا ته فوت ٿي. پر فيس بوڪ تي ماڻهن صفا باھه ٻاري ڏني آهي، اياز حيدر پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گھوٽڪي واسين کي ٻيو لاش تحفي ۾ ملي ويو، ڏهرڪي سان تعلق رکندڙ سنيها ڪيسواڻي جو خيرپور ميڊيڪل ڪاليج مان لاش هٿ، جنهن تي مهرين شاهه بخاري لکيو ته پهرين جاچ ڪريو اجايو ڪنهن لاءِ واويلا نه ڪجي ته بهتر آهي، وزير اوڍو افسوس جو اظهار ڪيو، عابد فراز لکيو ته قتل يا خودڪشي؟ نزاڪت علي، مير محمد پتافي افسوس جو اظهار ڪيو، الطاف لاڙڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  وري هڪ ٻي نياڻي جو لاش هٿ آيو آهي . خيرپور ميڊيڪل ڪاليج مان فائينل ايئر جي شاگردياڻي سنيها جوتي جو لاش مليو آهي، هي اسان جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڇا پيو ٿئي جو بار بار نوجوان نياڻين جا لاش پيا ملن.؟ سراج الحق دايو، کوسو اسدالله، حسين بخش بروهي، عامر خان پهوڙ، سڪندر علي انڙ، زاهد ڀنڀرو، اعجاز سومرو، مير اسحاق ٽانوري، عبدالستار لاشاري، عبدالرزاق جوکيو به افسوس جو اظهار ڪيو، محمد علي مارفاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تعليمي ادارن مان لاش ملڻ جو سلسلو نه رڪيو ، خيرپور يونيورسٽي ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي سنيھا ڪيسواڻي پر اسرار نموني فوت، لاش ھاسٽل جي ڪمري مان مليو، جنهن تي مظهر علي کهاوڙ لکيو ته افسوس تعليمي ادارن منجهان لاش ملڻ ؟ هي وڏو قومي الميو آهي . معاملي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي . حاجي محمد ياسين لکيو ته افسوس، هاڻي سنڌ جون نياڻيون به محفوظ ناهن، عبدالنبي بروهي لکيو ته تعليمي ادارن مان نوجوان شاگردن جا لاش ملڻ هڪ وڏو الميو اهي آخرڪار اهو سلسلو ڪٿي وڃي دنگ ڪندو؟ انهن لاشن جي پٺيان ڪهڙا ھٿ آهن؟ خان چانڊيو لکيو ته تعليمي درسگاھن کي ھڪ سازش سان مقتل گاھ بنايو ويو آھي، زاهده ڏاهري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته افسوس وري ھڪ نياڻي قتل، شاگردياڻي سنيھا جوتي ديوان جو ڪي ايم سي خيرپور جي گرلس ھاسٽل مان لاش ھٿ…! همٿ مغيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خيرپور، ڪي ايم سي ھاسٽل جي شاگردياڻي سنيھا پر اسرار نموني فوت، ھراسمينٽ سبب خودڪشي جا چوٻول هلي رهيا آهن سڃاڻ ڌرين پاران اي ايس ايس پي خيرپور کان شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، ڊاڪٽر مولابخش جوڻيجو ۽ راحيل جوکيو لکيو ته جاچ ٿيڻ گهرجي گرلز هاسٽلن ۾ خودڪشيون ڇو پيون ٿين؟ اخلاق بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ڪهڙي رخ وڃي رهي آهي؟ هر روز ننڌڻڪن کي لاش ڏنا ٿا وڃن. عوام صرف تماشو ڏسي رهيو آهي. آخر هي مارا ماري قتل ڪڏهن ختم ٿيندا؟ ميڊيڪل ڪاليج خيرپور جي ھاسٽل مان پرسرار لاش ملڻ ڪيترا ئي سوال اڀاري ٿو. تعليمي ادارن ۾ اهڙا واقعا هڪ وڏو قومي الميو آهي. اڃا هڪڙا ڏک وسرن نه ٿا ته ٻيا اڀريو اچن.