اشو آف دي ڊي … ڪچي جي ڌاڙيلن کي هٿيار پهچائيندڙ ڪير ؟ ميرپور ماٿيلو ويجهو اسمگلر پوليس آفيسر ظاهر ٿيڻ بعد بحث

0
213

 ميرپور ماٿيلو ويجهو پوليس ڪارروائي ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ ڄڻي کي ماريو ويو ۽ ٻه ساٿي گرفتار ڪيا ويا ، مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ ڪي پي پوليس ۾ سب انسپيڪٽر طور ٿي جنهن بعد سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، ان حوالي سان آزاد انور مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سکر پوليس جي گهوٽڪي ويجهو وڏي ڪارروائي، هٿيارن سان ڀريل ٽرڪ جو پيڇو ڪرڻ دوران اسمگلرن سان مقابلو ٿي پيو، هڪ اسمگلر پٺاڻ مارجي ويو ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب خطرناڪ هٿيار فروٽ جي پيٽن ۾ ڪچي طرف پئي ويا. جنهن تي هدايت الله مهر لکيو ته ٽرڪ ته وڏي هوندي هي هٿيار ته رڪشا جيترا به ناهن جيڪي ظاهر ڪيا ويا آهن، اطهر سائين لکيو ته اهڙا سوين آهن جيڪي اهو ڪاروبار ڪن ٿا سنڌ پوليس کي وري به شابس هجي، حسيب مهر لکيو ته سنڌ اندر هٿيارن جو ڪم ڪندڙ گولي جو حقدار آهي شاباس هجي سکر پوليس کي، نياز علي لکيو ته سنڌ ۾ افغاني وڏي تعداد ۾ هٿيارن جو ڪاروبار ڪن ٿا، انيل ڪمار لکيو ته ٽرڪ نه هئي ڪار هئي، ڊرنگ چاچڙ وٽان مارجي ويل ڏوهاري جو ڪارڊ هٿ ڪيو ويو آهي جنهن موجب مارجي ويل مختيار علي ڪي پي پوليس جو سب انسپيڪٽر ظاهر ٿيو آهي. آصف سومرو لکيو ته 6 هٿيار کڻي وڪڻڻ ته اهي به نه آيا هوندا اهو سڀ ڪوڙ آهي، محمد موسيٰ مهر، زوهيب علي، فضل مهر، عطاءُالله مهر، مهر غلام، نزاڪت علي، محمد رحيم مهر، مرتضيٰ انڍڙ، اقرار مهر، نور احمد، حميد شيخ به ردعمل ڏنو. نبيل سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته چوندا آهن ته سنڌ جي ڌاڙيلن کي ڪچي ۾ هٿيار ڪير ٿو پهچائي؟ سو هي جواب آهي توهان جي سامهون ته ڪيئن ۽ ڪٿان ٿا هٿيار پهچن وڃن سنڌ ۾، گھوٽڪي جي ميرپور ماٿيلو ڀرسان هٿيارن جي اسمگلنگ ناڪام بڻائڻ دوران پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل مختيار علي پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر نڪتو، سندس 2 ساٿي زنده گرفتار ڪري ڪار مان پنج ڪلاشنڪوف، ھڪ رپيٽر، چار پسٽل ۽ وڏي مقدار ۾ گوليون ھٿ ڪيون ويون آهن. برڪت جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گهوٽڪي ڀرسان سي پيڪ تي پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو،ڳرا هٿيار هٿ،ذريعن جو چوڻ آهي ته اسمگلر ڳرا هٿيار ڪچي جي ڌاڙيلن کي پهچائيندا هئا. منور گل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گهوٽڪي ويجهو رائونتي موٽروي 468 پڪٽ ويجھو وڏي ڪارروائي، هٿيارن سان ڀريل ڪار جو پيڇو ڪرڻ دوران اسمگلرن سان مقابلو ٿي پيو، ڪافي مقدار ۾ اسلحو برآمد ڪيوويو ھڪ دھشتگرد مارجي ويو، ٻه دھشتگرد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا،  ھٿيارن جي اسمگلنگ دوران مارجي ويل پوليس سب انسپيڪٽر ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. غلام رسول پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌاڙيلن کي ھٿيار پھچائيندڙ اسمگلر مارجي ويو، 2 ساٿي گرفتار ڪيا ويا، زبير ابڙو، صوفي فاروق جسڪاڻي، ياسين چانڊيو، ايڊووڪيٽ يوسف کهارو، علي عرفان سهتو ۽ ٻين به اهڙي معاملي تي پوسٽون شيئر ڪيون.