اشو آف دي ڊي … ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ واوڊا جي پريس ڪانفرنس تي بحث: ارشد شريف قتل ۽ عمران جي لانگ مارچ بابت تبصرا

0
202

 ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي آءِ ايس پي آر، فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنسن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو، سوشل ميڊيا تي ارشد شريف جي قتل ۽ عمران خان جي لانگ مارچ جي حوالي سان به پوسٽون شيئر ڪيون ويون، ڊي جي آءِ ايس پي آر، ارشد شريف، فيصل واوڊا، عمران خان هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويا، پريس ڪانفرنسن توڙي لانگ مارچ ۽ قتل ڪيس بابت سياستدانن سان گڏ عام ماڻهن به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، ان حوالي سان مريم نواز ٽوئيٽ ڪيو ته عمران خان آئوٽ ٿي ويو، بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ڪيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي تڪراري ڪردار کان آئيني ڪردار ڏانهن منتقلي تمام اهم آهي. پيپلز پارٽي ٽن نسلن کان ان لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس بي مثال ۽ تاريخي آهي. اداري جي پاليسي جي تبديلي واري خواهش کي همٿائڻ گهرجي.  صابر شاڪر لکيو ته سائفر اڄ ٻيهر زنده ٿي ويو، حامد مير خبر شيئر ڪندي لکيو ته ڪجهه چيو به نه، ۽ چئي به ويا، آءِ ايس آءِ سربراهه ڪنهن جو نالو نه ورتو ۽ ٻڌائي به ڇڏيو ته ان جو اشارو ڪنهن ڏانهن آهي، ان خبر ۾ هو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو آهي ته مير جعفر ۽ مير صادق جا لقب ان لاءِ ڏنا ويا ته غيرآئيني ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، صحافي عمران خان لکيو ته امپورٽڊ حڪومت کي ڪير سهولتڪاري فراهم ڪري رهيو آهي عوام سڀ ڄاڻي ٿو، شمع جوڻيجو ڊي جي آءِ ايس آءِ جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جڏهن اسان چور دروازي کان غيرآئيني قدم کڻندا آهيون ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ ايندو آهي، هن پاڪستان ۾ فتنو پکڙجڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو، ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ان فتني جو سدباب ڪيئن ڪيو ويندو، اهو جواب اڃا باقي رهي ٿو، گل بخاري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته اهو ڪلچر ڪنهن متعارف ڪرايو ؟ ڊاڪٽر شهباز گل لکيو ته سلمان اقبال ارشد شريف کي سدائين ننڍي ڀاءُ وانگر ڏٺو، ان تي تنقيد کان اڳ اهو ڏسو ته هن جو ڀاءُ دنيا مان ويو آهي، صبا بجير رانا ثناءُالله پريس ڪانفرنس ۾ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ارشد شريف جي قتل جون ڪڙيون عمران خان ۽ سلمان اقبال ڏانهن وڃن ٿيون، حسن ايوب خان لکيو ته جيترو ساٿ ارشد شريف عمران خان جو ڏنو ان بعد ارشد جو عمران خان تي حق ٺهي پيو ته هو گهٽ ۾ گهٽ سندس جنازي ۾ شرڪت ڪري ها، فخر دراني لکيو ته پاڪستانيو، وڏن جي ويڙهه ۾ پاڻ کي ٻارڻ نه بڻايو، اوهان کي استعمال ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪن ٿا، ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ اسد دراني لکيو ته ارشد شريف جي قتل جو سڀ کان وڏو فائدو کڻندڙ عمران خان آهي، امداد علي سومرو لکيو ته ڊڄي ويو يا تياري ڪري جواب ڏيندو ؟ عمران خان لاهور ۾ پريس ڪانفرنس گهرائي پر ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس بعد ملتوي ڪري ڇڏي، جيتري مشڪل ۾ عمران خان اڄ آهي اڳ ڪڏهن ناهي رهيو، سوال اهو آهي ته هاڻي لانگ مارچ ٿيندو يا ملتوي ٿي ويندو؟ عمران خان فوج جي اقتدار ۾ غيرآئيني طور حصيدار بڻائي پاڪستان تي تاحيات حڪمراني ڪرڻ جو منصوبو بڻائي رهيو هو، اداري ساٿ نه ڏنو ته غداري جي پروپيگنڊا شروع ٿي وئي، ڊاڪٽر دانش لکيو ته فيصل واوڊا کانپوءِ پي ٽي آءِ جا اهم اڳواڻ به عمران خان جي سازشي راند کي پڌرو ڪرڻ لاءِ تيار آهن انتظار ڪريو، حليمه سومرو لکيو ته ايتري خراب پرفارمنس تي فيصل واوڊا کان پئسا واپس وٺڻ گهرجن، جاويد ناياب لغاري ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس جو حوالو ڏيندي لکيو ته سلمان اقبال عماد يوسف کي هدايتون ڏنيون ته ارشد شريف کي ملڪ ڇڏڻ جو چيو وڃي ارشد شريف کي دبئي موڪلڻ جو انتظام اي آر واءِ پاران ڪيو ويو، حنا پرويز بٽ لکيو ته والدين هرگز پنهنجي ٻارن کي فتي خان جي لانگ مارچ ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏين، عثمان ڊار لکيو ته عمران خان کي ناڪام ڪرڻ وارا هر طرح جو ڪارڊ کيڏي چڪا آهن ۽ هاڻي فيصل واوڊا جو ڪارڊ به ناڪام ٿي ويو، عارف حميد لکيو ته اهو ئي ڪم ڪنداسين جنهن جي آئين اجازت ڏئي ٿو، اقرار الحسن فيصل واوڊا جي بوٽ واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته فيصل واوڊا جيڪو به چئي ٿو ان کي هي ياد رکندا، نديم ملڪ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي وڊيو شيئر ڪندي سندس بيان لکيو ته اڳوڻي حڪومت مارچ ۾ جنرل باجوه کي اڻ اعلانيل مدي تائين آرمي چيف جي آڇ ڪئي، ريحام خان لانگ مارچ جي روٽ جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته تحريڪ انتشار کي به خبر آهي ته اسان جو ليڊر ڪنهن به وقت يوٽرن وٺي سگهي ٿو ان لاءِ رانگ مارچ جو پوسٽ يوٽرن اسٽائل ۾ ٺاهيو ويو آهي، جنت بلال کر لکيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس، چيو ته آئون پنهنجي اداري، جوانن ۽ شهيدن جو دفاع ڪرڻ لاءِ سچ ڳالهائيندس. عائشه رجب بلوچ فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس تي لکيو ته حد آهي هنن کي پنهنجي سياست لاءِ بي گناهه ماڻهن جي زندگين جي پرواهه ناهي، سيده وجيهه عابد رحمان لکيو ته اهو به ٺيڪ آهي هڪ طرف چئو ٿا ته آرمي چيف غدار آهي ٻئي طرف پردي پٺيان انهن سان ملاقات ڪريو ٿا، خوني مارچ نامنظور، حسين مسرت لکيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس تمام گهڻي معنيٰ خيز آهي، اهم پريس ڪانفرنس بعد ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا آهن آخر ٻيو ڪهڙو مضبوط ادارو آهي جنهن جي سپورٽ عمران خان کي اڃا تائين حاصل آهي، شهلا رضا لکيو ته ڪجهه عرصو اڳ مون ٽوئيٽ ڪيو هو اڄ وري ساڳيو ٽوئيٽ ڪري رهي آهيان ته عمران ته ويو، عابد شير علي لکيو ته ارشد شريف جي قتل جو معاملو پڌرو ٿي ويو عمران نيازي کان جاچ ٿيڻ گهرجي، خواجه سعد رفيق لکيو ته لانگ مارچ جو مقصد آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻائڻ آهي، ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻي پنهنجي ڪرتوتن تي پردو رکڻ چاهي ٿو، مليحه هاشمي لکيو ته اڄ ڊي جي آءِ ايس آءِ تفصيل سان ٻڌايو ته نواز ليگ حڪومت ادارن تي تنقيد برداشت ناهي ڪندي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي آهي، سيد طلعت حسين لکيو ته سلمان اقبال ارشد شريف مرحوم کي جلد کان جلد پاڪستان ڇڏڻ جو چيو، عماد يوسف سلمان ۽ ارشد شريف سان رابطو رکيو، پشاور وڃڻ لاءِ گاڏي مراد سعيد ڏني. فاروق سومرو لکيو ته سياستدان ناهي، فتنو، ملڪ دشمن ۽ سازشي خلاف ادارن جو ڪم ئي اهو آهي جيڪو پهريون ڀيرو ٺيڪ طريقي سان ڪري رهيا آهن. زرتاج گل فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس تي لکيو ته جنازا ته نڪري ئي رهيا آهن، ڪنهن کي ماريو وڃي ته شهيد جو جنازو، ڪنهن کي خريد ڪيو وڃي ته ضمير جو جنازو، ڪنهن کي اگهاڙو ڪري رهيا آهن ته عزت جو جنازو، اشفاق آذر لکيو ته هاڻ لڳي ٿو ته ملڪ واقعي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، اهڙي بي يقيني، اهڙو عدم استحڪام ۽ اهڙي حواس باختگي جو عالم شايد ئي اڳ رهيو هجي. علي ڪامران سهتو لکيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پهريون ڀيرو ميڊيا آڏو انٽري، ڪوڙ آڏو چپ واري روش کي ختم ڪرڻو پوندو، امداد سيلرو پوسٽ شيئر ڪئي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ عمران نيازي جو مستقبل ڪيئن پيا ڏسو؟ جنهن تي عرفان سيلرو لکيو ته ڏاڍو ڏکيو، ارشد شريف جو قتل ڪيس ڳچي ۾ پوندس، ڪابورو الهڏنو لکيو ته الطاف جهڙو، اعجاز علي ڪيريو لکيو ته ڀلو، ايترو مجبور ڪيو اٿس جو سامهون اچي پيا ڳالهائين، مهتاب هنڱورجو، وحيد مراد لاشاري لکيو ته مستقبل اونداهو نظر اچي ٿو، جي مرتضيٰ بي لکيو ته ڪا خبر نٿي پوي سياست جي، عبدالرسول مگسي لکيو ته مشرف جهڙو مستقبل نظر اچي ٿو، فقير مشتاق مڱريو لکيو ته خراب، هدايت الله مهر لکيو ته سٺو، مجتبيٰ جوکيو لکيو ته اونداهو مسقبل نظر اچي ٿو،گلشاد راجپوت لکيو ته الطاف جهڙو مستقبل نظر اچي ٿو، طيب اداسي لکيو ته سٺو مستقبل نظر اچي ٿو، خالد چانڊيو لکيو ته گيم اوور ناهي ٿي اڃا 23 جي اليڪشن تياري ٿئي پئي، خادم ڪلهوڙو لکيو ته جهيڙو چوٽ تي آهي.