اشو آف دي ڊي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ڪم ؟ ٻنهي کي هڪٻئي جا ڪم اچڻ گهرجن

0
162
اشو آف دي ڊي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ڪم ؟ ٻنهي کي هڪٻئي جا ڪم اچڻ گهرجن

ڇوڪرن کي ڇوڪرين وارا گهرو ڪم ڪار ڪرڻ گهرجن ۽ ڇوڪرين کي به ڇوڪرن وارا ٻاهر وارا ڪم اچڻ گهرجن، ھر ڪم گڏجي ڪرڻ گھرجي ته جيئن ھڪٻئي جو احساس پيدا ٿئي اهڙي ڳالهه سوشل ميڊيا تي ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ ماهه نور شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇوڪرن کي ھوم ورڪ ۾ پنھنجا ڪپڙا پاڻ پنھنجي ھٿن سان ڌوئي پائي اچڻ جو ڪم ڏنوسين. اڄ اھي سڀ ڪم ڇوڪرن کان ڪراياسين جيڪي عورتن کي ورثي ۾ مليل آهن مرد ڪرڻ ۾ شرم محسوس ڪندا آھن. ھن ايڪٽوٽي جو مقصد اھو ھو ته ھي سوسائٽي اسان سڀني جي گڏيل آھي ۽ ان ۾ سڀئي ڪم به اسان سڀني جا گڏيل آھن ان ڪري ڪم ورھائي ڪرڻ (گھر جا ڪم عورتون ڪن ٻاھريان مرد) بجاءِ اسان کي ھر ڪم گڏجي ڪرڻ گھرجي ته جيئن ھڪٻئي جو احساس پيدا ٿئي. مان سمجھان ٿي ته عورت مظلوم ۽ مرد ظالم آھي واري بي سري راڳ کان بھتر آھي ته بنيادي تعليم تي توجھه ڏيڻ گھرجي ڇوته  اصل نقص تعليم ۾ آھي جيڪو اسان کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آھي ھاڻي پٽن جو ڪم ڌيئرن کان ڪرائڻ وارو رواج ختم ڪرڻ گھرجي،

پٽن ۽ ڌيئرن کي پنھنجو ڪم پاڻ ڪرڻ جي تعليم ڏيڻ جي ضرورت آھي نه ڪي ڀيڻ کي ڀاءُ جو نوڪر ٿيڻ جي تعليم. ڌيءُ کي ڪچن جا رانديڪا ۽ گڏيون وٺي ڏيڻ ۽ پٽ کي ڪرڪيٽ، فٽبال والي بال جھڙين راندين وارا رانديڪا وٺي ڏيڻ واري فرق کي به ختم ڪرڻ گھرجي. مان سمجھان ٿي اھا ئي برابري جي تعليم آهي اھا ئي معاشري جو توازن برقرار رکي سگھي ٿي. جنهن تي ساحل سرور ڪمار لکيو ته مطلب ھاڻي ھي سڀ ڪم سکڻا پوندا، اميد علي مهر لکيو ته بھترين عمل.. ٻار ننڍي ھوندي کان ئي برابري واري نظريي کي سمجھي ان تي عمل ڪندا ته معاشري ۾ جنسي اڻ برابريون ختم ٿينديون ۽ ھر جنس کي پنھنجي ذميواري بھتر نموني سمجھه ۾ ايندي، شمس الدين زئور لکيو ته واهه واهه … مان ٿانون ڌوئڻ کان علاوه هر ڪم ڪري ويندو آهيان، هاڻي اهو ڪم انهن ڇوڪرن ۽ مردن کان به ڪرايو جيڪي فيس بڪ تي ڇوڪرين جون فيڪ آئيڊيون رکن ٿا، نريش ارلاڻي لکيو ته تمام بھترين سوچ، بي شڪ بنيادي تعليم ۽ تربيت کي بھتر بنائڻ سان ئي بھتر آئيندو جڙي سگھندو.

رياض مهر لکيو ته جن کي پاڻي ماني کٽ تي ملي ڪپڙا لٽا بغير چوڻ جي ڌوپجي ۽ استري ٿي ملن انھن کي ڪيڏا به درس ڏجن اڪثريت پنھنجي اھا عادت ترڪ نه ڪندي. انڪري واقعي به نئين جنريشن جي روين تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. اسد وسطڙو لکيو ته مان ھنڌ وڇائڻ ۽ ھنڌ ويڙھڻ گھر جي صفائي ڪرڻ پاڻي ڀري اچڻ ڪاٺيون چلھه تي رکڻ ۽ باھه ٻارڻ وارا ڪم ڪري ويندس باقي ماني مونکي اصل پچائڻ نه ايندي اٿم ان لاءِ ھٿ ٻڌي معافي گھرندس گھر وارن کان، مٺل جسڪاڻي لکيو ته شاديء کان پوءِ ويچارن مردن کي اهي ڪم ڪرڻائي پوندا آهن چڱو ٿيو جو اھا تربيت سندن ٿيل ھجي، دانش نواز لکيو ته واهه واهه، هاڻي اڳئي واري ۾ ڇوڪرين کي ڇوڪرن جا ڪم ڪرائجو، ته جيئن سماج اندر ٻنهي کي ٻنهي جا ڪم اچن، وجيش ڪمار لکيو ته بهترين ايڪٽوٽي، احمد شاهد شر، عنايت الله شيخ، شان مهر،شاهه علي گائنچو، فياض ماهي، بشير آريسر، دانش جتوئي، ڪاشف پنهور، رياض اڄڻ، طارق حسين وڳڻ،منصور علي، بشير جتوئي، محمد علي، فقير پرتاب راءِ، بينظير شيخ، زوهيب علي هيسباڻي، فياض سنڌي به اهڙي ايڪٽوٽي جي ساراهه ڪئي.