اشو آف دي ڊي وڊيو ۾ ڪو به وزير نظر نه آيو: اسپيڪر جي بيان تي تنقيد

0
379

اسپيڪر اسد قيصر پاران ايوان ۾ هنگامو ڪندڙ وزيرن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ واري سوال تي چيو ته وڊيو ۾ ڪو وزير نظر نه آيو، اهڙي بيان بعد اسپيڪر مٿان سوشل ميڊيا تي تنقيد شروع ٿي وئي ۽ وزيرن جي هنگامون واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون. سيد ڪوثر ڪاظمي مراد سعيد جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته اسد قيصر چيو آهي ته وڊيو ۾ ڪو به وزير نظر نه آيو جيڪي ماڻهو نظر آيا انهن خلاف ايڪشن کنيو، جنهن تي اڪرام الله لکيو ته ان شعر ۾ شاعر ڪپتان جي لاڏلي بابت پنهنجو اظهار ڪري رهيو آهي، راجا طاهر لکيو ته هتي به اها ئي ڳالهه اچي ٿي ته پنهنجي وڊيو پنهنجا ماڻهو، پنهنجي مرضي، علي طنز ڪندي لکيو ته اهو ته مراد سعيد اسيمبلي ۾ چانور ورهائي رهيو هو، زيڊ اي بخاري لکيو ته مراد سعيد ان ڪري نظر نه آيو جو ان کي ڪارا ڪپڙا پهريل هئا، سلمان خان اوڪزئي لکيو ته ڪير اسپيڪر صاحب جي هي وڊيو ڏسڻ ۾ مدد ڪري، وحيد شيرواني لکيو ته ان ڪري نظر نه آيو جو سليماني ٽوپي پاتل هئي، ڪامران طاهر بٽ لکيو ته اهو خاص وزير آهي، حنا پرويز بٽ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته اسپيڪر صاحب اوهان پنهنجي نظر چيڪ ڪرايو، مراد سعيد، گنڊاپور ۽ ٻيا اوهان جا پنهنجا ئي وزير آهن يا چئي ڇڏيو ته انهن جو پي ٽي آءِ سان تعلق ناهي، ايڊووڪيٽ مظهر عباس ملڪ لکيو ته وڊيو ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي ته مراد سعيد بجيٽ جون ڪاپيون اڇلائي هڻي رهيو آهي پر اهو نظر نٿو اچي؟ مرتضيٰ سولنگي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته جيڪي ماڻهو مون کي فوٽيجز ۾ نظر آيا انهن خلاف ايڪشن کنيو ۽ ڪو به وزير فوٽيجز ۾ نظر نه آيو، ڪير موصوف کي مراد سعيد، علي امين گنڊاپور، شفقت محمود، پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي ۽ شيرين مزاري جي وڊيو ۽ تصوير موڪلي ڏئي. مريم خان لکيو ته اسپيڪر صاحب موجب کيس وڊيو ۾ ڪير وفاقي وزير احتجاج ڪندي نظر نه آيو. عمران سعيد خان لکيو ته اسپيڪر صاحب اوهان جي اک ۾ ڪتاب به نه لڳو پوءِ به اوهان کي ڪو به وزير نه آيو. احسن اقبال لکيو ته 3 ڏينهن تائين پارليامينٽ کي سرڪاري بينچز هنگامي جو ٿئيٽر بڻائي رهيو ۽ پوري دنيا ۾ خواري ڪرائي هاڻي ذميوار اپوزيسن کي قرار ڏئي رهيا آهن.