اشو آف دي ڊي … وفاق ۽ سنڌ جي بجيٽ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟ سوشل ميڊيا تي عوام جو ردعمل، حڪومت مٿان تنقيد

0
141

روحت ڇاٻڙيا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گريڊ هڪ کان 16 هين تائين پَگهارن ۾ 35 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ ساڍا 17 سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ اُجرت 32 هزار رُپيا مُقرر ڪئي وئي آهي، نثار لغاري ۽ ورثا پيرزادو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تعليم لاءِ 82 ارب، صحت لاءِ 36 ارب، دفاع لاءِ 1800 ارب رکيا ويا آهن، سارنگ منير سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ڪابينا پاران سنڌ بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ھڪ کان 16 اسڪيل جي ملازمن جي پگھارن ۾ 35، 17 کان 22 گريڊ جي ملازمن جي پگھارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن تي ڪي ايم سومرو لکيو ته سائين هي وڌايل پگهار انيشل بيسڪ پي تي آهي يا رننگ تي اهو واضح ناهي، عمران سومرو ۽ ڪاشف نواز ڀٽو به ردعمل ڏنو، جميل ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ڪابينا پاران گريڊ 16 تائين %45 ۽ گريڊ 17 کان مٿي تائين %40 فيصد ۽ پينشن به %20 واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. رياض سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي 2 کرب 244 ارب جي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ 160 ارب مختص ڪيا ويا آهن، محمد حسن لکيو ته ڪڏھن ملندا ٻوڏ متاثرن کي، عمر يونس لکيو ته متاثرن واري ڳالهه تي کل آئي، لالا ڪريم لکيو ته اهي ٻوڏ متاثرن وارا پئسا پاڻ کائي ويندا، عرفان علي گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 50 هزار رپين کان وڌيڪ رقم ڪڍڻ تي 0.6 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، حل: 49999 رپين جو چيڪ ڀريو، ھڪ رپيو بينڪ واري کي ڏيو ۽ مڪمل طور تي 50000 رپيا حاصل ڪريو، مرتضيٰ سيال لکيو ته سوال اهو آهي ته عوام پنهنجا پئسا بينڪ مان ڪڍرائڻ تي ٽيڪس ڇو ڀري؟ ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو لکيو ته يا ته بينڪ ۾ پئسا نه رکجن، فرحان حسين لکيو ته مشورو سٺو ڏنو اٿو، شر قربان علي لکيو ته اسان فائلر آهيون، احسان علي جوڻيجو لکيو ته مشورو سٺو آهي پر توهان پنجاھ ڪڍرائي سگھو ٿا ٽيڪس توهان تي لاڳو ٿيندي 50 هزار ۽ هڪ رپين کان، احسان ميمڻ لکيو ته رپيو ته بينڪ وارا به بخشي ڇڏيندا، عبدالغني مگسي لکيو ته اسان ٽيڪس ادا ڪندڙ آهيون، منظور چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سرڪار تي تنقيد ٿيندي رھندي آهي. پر ساليانو اھا پگھارون وڌائيندي آهي. خانگي شعبي وارا سالن جا سال پگھارون نه وڌائيندا آهن پر انهن جي خلاف ڪو ڳالھائڻ وارو نه آهي. جنهن تي منصور سرمد، حريف چانڊيو، آصف علي راڄپر، رجب علي، سرتاج چانڊيو، ظهور چانڊيو پوسٽ سان اتفاق ڪيو، فرحان خان تنيو لکيو ته خانگي ميڊيا ادارن اندر ويٺل صحافي ٻين سمورن ادارن جي ملازمن جي گهٽ پگهار بابت احتجاج جون خبرون ٺاهيندا آهن روزاني جي بنياد تي پر ايترا مجبور هوندا آهن جو پنهنجي پگهار بابت آواز ناهن اٿاري سگهندا…!بخش علي چانڊيو، نظير چانڊيو به ردعمل ڏنو. ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تعليم لاءِ 82 صحت لاءِ 26 ۽ دفاع جي لاءِ 1804 ارب رکيا ويا آهن، مطلب پاڪستاني عوام کي تعليم ۽ صحت نه گهرجي، جنهن تي شيخ اسرار لکيو ته 18هين ترميم تحت صحت توڙي تعليم صوبائي معاملا آهن پر وفاق مرڪزي هيڪ سميت ڪجهه ادارن کي پاڻ وٽ رکي وزارتون هلائي پيو. جن لاءِ نالي ماتر بجيٽ به رکي ويندي آهي. باقي دفاع لاءِ ڀٽي صاحب چيو هو گاهه کائي به بم ٺاهينداسين.گلشن علي بجاراڻي، قريشي ساجد علي، ذوالفقار علي ڪمبوهه به ردعمل ڏنو، عبدالغفار ميمڻ لکيو ته مطلب ته تعليم جي ضرورت ناهي، سعيد ميمڻ، آزاد انقلابي امتياز به ردعمل ڏنو. ڪامريڊ خليل لاشاري ۽ قادر سرڪي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ظالمو سنڌ بجيٽ انگريزي ۾، بجيٽ سنڌ جي آهي يا انگلينڊ جي، ڇا ان کي سنڌي ٻولي کان نفرت ۽ لاتعلقي نه چئجي، سنڌي ٻولي سان ناروا سلوڪ نا منظور. هن جو وس پڄي ته جهانگارا پجارا ۾ ماڻهن سان انگريزي ۾ ڳالهائي. اچو ته اهڙي رويي جي نندا ڪريون. سنڌ اسمبلي جي ڪارروائي سنڌي ۾ هجڻ جي گهر ڪريون. حاڪم علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ بجيٽ ترقياتي ڪمن 78ارب رپيا، صحت لاءِ 20 ارب رپيا، ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 30 ارب مختص، ٻوڏ متاثرن لاءِ 160ارب رپيا مختص ڪيا ويا، ٽوٽل 22 کرب 244 ارب مختص ڪيا ويا آهن، مهتاب سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ڪابينا پاران مزدور جي اجرت 25 هزار مان وڌائي 35 هزار پنج سئو پنجاھه رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، اشرف پليجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي بجيٽ کي رد ڪندي چيو آھي ته بجيٽ ۾ عوام لاءِ ڪجھه به ناھي، وفاقي ۽ سنڌ  حڪومت مھانگائي تي ضابطو نه آندو آھي. پگھارن ۽ پينشنز ۾ ملازمن کي مايوس ڪيو آھي،بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 50 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. اياز حسين عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صحت لاءِ 23 ارب، تعليم لاءِ 83 ارب ۽ دفاع لاءِ 1800 ارب رکيا ويا آهن، وفاقي بجيٽ ۾ تعليم ۽ صحت جو خير آهي باقي  دفاعي بجيٽ وڌائڻ تي ايڏو زور اٿن جو ڄڻ عوام ناشتي ۾ F16 ، منجهند ۾  ميزائل ۽ ڊنر ۾ ايٽم بم کائيندو آهي، محمد ايوب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪورونا ۽ ٻوڏ دوران چيلنجز کي مڙس ٿي منهن ڏنو ۽ قوم کي بچائڻ ۾ ڪامياب وياسين، وزيراعليٰ سنڌ دونهيدار بجيٽ تقرير ڪئي، ڪمار ڪي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي بجيٽ ۾ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 697 ارب رپيا ۽ غير ترقياتي بجيٽ 1411 ارب رپيا رکڻ جي تجويز، ڪراچي جي ميگا منصوبن لاءِ 12 ارب رپيا، امن امان لاءِ 160 ارب رپيا ۽ جديد هٿيارن جي خريداري لاءِ 2 ارب 79 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز، تعليم کاتي لاءِ 353 ارب رپيا، زراعت کاتي لاءِ 11 ارب 91 ڪروڙ رپيا، صحت کاتي لاءِ 44 ارب 36 ڪروڙ رپيا، گهرو کاتي لاءِ 11 ارب 51 ڪروڙ رپيا، آبپاشي کاتي لاءِ 52 ارب رپيا ۽ مڪاني کاتي لاءِ 111 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. خادم جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 450 ارب رکيا ويا آھن اگر هن ملڪ ۾ ھڪ مل يا ڪارخانو لڳايو وڃي ته هڪ عرب ۾ سٺي مل يا ڪارخانو لڳائي سگهجي ٿو ته 450 ارب ۾ 450 ملون ڪارخانا لڳائي ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار تي لڳائي سگهون ٿا ۽ غربت ختم ڪري سگهجي ٿي پر اسان جي حڪومت اسان کي روزگار نه پر پنڻ لاءِ مجبور ڪري رهي آھي افسوس آهي. شفيق عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ بجيٽ: سنڌ ۾ 15 سئو نوان ليڪچرار ڀرتي ڪرڻ، 23 نوان ڪاليج قائم ڪرڻ، 57 پرائمري اسڪولن کي مڊل، 15 مڊل اسڪولن کي سيڪنڊري ۽ ڏيڍ سئو اسڪولن کي هائير سيڪنڊري ڪيو ويندو، ٻوڏ سبب متاثر ٿيل اسڪولن جي بحاليءَ لاءِ 3 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. شاهنواز شر ۽ گڻيش گلاب پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن بجيٽ ۾ 450 ارب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ رکيا ويا آهن! اگر ھڪ فيڪٽري ھڪ ارب جي لڳي ته به پاڪستان ۾ 450 نيون فيڪٽريون لڳي سگھن ٿيون! قوم کي پنڻ بدران ڪمائڻ سيکاريو وڃي ته سٺو ٿيندو ، پر هي حاڪم ائين ڇو ڪندا. زوار علي صفدر جکراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ 35 فيصد واڌ ڪري ڇڏي، اعجاز احمد ٻگهيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ بجيٽ، هڪ کان 16 هين تائين پگهارن ۾ 35 سيڪڙو ۽ 17 کان 22 تائين جي آفيسرن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اياز کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بجيٽ ۾ 450 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ رکيا ويا آهن.ھڪ فيڪٽري ھڪ ارب جي لڳي ته به پاڪستان ۾ 450 نيون فيڪٽريون لڳي سگھن ٿيون. اچو ته اهو مطالبو ڪريون. ثناءُالله عباسي، صائمه فيض، عرفان سومرو، ظفر لاشاري، ذاڪر مهراڻي، نوشاد علي، سويتا جي، جاويد حسين ۽ ٻين به پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته ته بجيٽ ۾ 450 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ رکيا ويا آهن.ھڪ فيڪٽري ھڪ ارب جي لڳي ته به پاڪستان ۾ 450 نيون فيڪٽريون لڳي سگھن ٿيون.پر هنن قوم کي پنڻ بدران ڪمائڻ سيکاريو آهي.