اشو آف دي ڊي هتي هر خون جو سودو ٿيندو آهي…… اهو ئي انصاف آهي؟ دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ جوابدارن سان ٺاهه تي سوشل ميڊيا جو ردعمل

0
268
اشو آف دي ڊي هتي هر خون جو سودو ٿيندو آهي...... اهو ئي انصاف آهي؟ دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ جوابدارن سان ٺاهه تي سوشل ميڊيا جو ردعمل

 دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ فريادي ڀاءُ پاران مک جوابدارن سان پئسن عيوض ٺاهه ڪرڻ جو انڪشاف سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو ۽ ان حوالي سان مختلف سوال پڻ اٿاريا ويا. ان سلسلي ۾ مصطفيٰ اياز مهيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته دودي ڀيل جي لاش کي به وڪرو ڪرڻ جا اطلاع آهن، جنهن تي اياز کوسو لکيو ته ڪم ٿي ويو هڪ ڪروڙ رپيا ڪيش ۽ پنج نوڪريون، گهر به مليو، جئديو شرما لکيو ته 20 لک جو چيڪ ايڊوانس ۾ باقي رقم پوءِ ڏني ويندي، پئسو ضروري آهي پئسو مجبوري آهي، سردار جماڻي لکيو ته هتي هر خون جو سودو ٿيندو آهي،اشرف خان لکيو ته ڪم ٿي ويو،

دريا خان لنجو لکيو ته ڪروڙ ۾ ڪم ٿيو، حر هاشم مڱريو لکيو ته هڪ ڪروڙ رپين ۾ ٺاهه ٿيو، حسين مسرت اهڙي خبر جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هاءِ پروفائيل ڪيس، ڇا دودو ڀيل جي خون جو به سودو ٿي ويو؟ جنهن تي انيل حب علي لکيو ته انهن کي لائسنس مليل آهي جنهن کي وڻي قتل ڪن جڏهن دل چوي ته پئسن تي ان قتل جو سودو ڪن، آصف علي لکيو ته جتي ڪٿي ڪمپرومائيز پوءِ آواز اٿارڻ وارا مايوس ٿيندا اڳتي هلي احتجاج ئي نه ٿيندا.رجب علي شر لکيو ته هل، اهو به ٿي ويو ٺاهه، سارنگ منير سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٿرڪول ۾ قتل ٿيل دودو ڀيل جي خون جو سودو ٿي ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ ٿيل جرڳي ۾ خون جي قيمت ھڪ ڪروڙ مقرر ٿي. جنهن تي عبدالله سومرو لکيو ته دودن جي ڀائرن سدائين اهڙا سودا ڪيا آهن،

ذوالفقار علي سومرو افسوس جو اظهار ڪيو. ايڊووڪيٽ لجپت سوراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مقتول دودو ڀيل ڪيس ۾ اسان اڄ به پنهنجي ساڳي موقف تي قائم آھيون، دودو ڀيل ڪيس ۾ اسان جي ٽيم سميت سنڌ جي سمورن باشعور ساٿين ڀرپور ساٿ ڏنو، دودو ڀيل ڪيس ۾ فريادي عالم ڀيل ڪمپني جي پريشر ۾ اچي ٺاھه ڪري رهيو آھي ان ٺاھه بابت اسان جو ڪوبه واسطو ناهي، جيڪي مخالف مون تي اجايو الزام هڻي رهيا آهن ته لجپت سوراڻي ٺاھ ڪرائي پيو انهن کان پڇڻ چاهيون ٿا ته الزام کان پهرين ثبوت ڏيو.مون کي اڳ ۾ ڪروڙين رپين جون آڇون ٿيون پر مون پنهنجي ضمير جو سودو ڪو نه ڪيو دودو ڀيل سان انصاف لاءِ تشدد برداشت ڪيو،دهشتگردي جي ڪيس ۾ جيل ڀوڳي آيس، باقي اڳتي ڪيس وڙھڻ فريادي جو ڪم آھي جنهن طريقي سان ڪيس وڙھي، اسان اخلاقي طور سپورٽ ڪري سگهون ٿا.

نيلم ڪماري لکيو ته دودو ڀيل لاءِ به سراپا احتجاج کانپوءِ وني انصاف کپي پئسا نه کپن جو بيان ڏنو هو پر دودو اڄ ڪنهن کي ياد آھي،ناظم جوکيو به اڄ نه سڀاڻي وسري ويندو، هن سرداري ڀوتارڪي نظام ۾ اهو ئي انصاف آهي ؟ دودو ڀيل جي خون جو سودو هڪ ڪروڙ ۾ ٿي ويو سڳو ڀاءُ هڪ ڪروڙ ۾ سودو ڪري ڪيس تان هٿ کڻي ويو. جنهن تي ڪي ڊي خان چانڊيو لکيو ته جي جهوريندڙ اهي الميا آهن، سنڌي قوم ارشاد رانجهاڻي، دودو ڀيل ۽ ناظم جوکيو لاءِ جيئن ايڪشن کنيو ايئن شايد وري نه کڻي ڇو ته مائٽ سوداگر ٿي ويندا آهن. عزيزالله شر لکيو ته وارث بزدل ٿي لالچ ۾ اچي پاڻ سودو ڪن ٿا،

ام رباب سردارن جا پگهر ڪڍي ڇڏيا آهن، رتن ڪمار لکيو ته سڀ سستي شهرت ۽ مال لاءِ احتجاج ڌرڻا ڊراما ٿيندا آهن، خدا نه ڪري اڳتي ڪنهن سان اهڙو ظلم ٿئي، دودو ۽ ناظم جي احتجاج کان مٿي احتجاج نٿا ٿي سگهن جي هنن کي انصاف نه ملي سگهيو ته ڪنهن کي ڇا ملندو؟ عاجز علي لکيو ته افسوس پوءِ اڳتي اهڙن ماڻهن لاءِ ڪير احتجاج ڪري ڪير آواز اٿاريندو؟پرمانند ميگهواڙ لکيو ته افسوس ٿئي ٿو ڇا ڪجي، سالم ڏاهري لکيو ته جيڪڏهن فريادي سودا ڪري ڇڏن ته پوءِ شعور بيوس ٿي ويندو، لالا لجپت ڀيل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ قاتلن جي همدردي ڪندي آيل ٺاهه جي خبر، اهڙي عمل جي نه  رڳو مذمت پر سخت مخالفت ڪجي ٿي انهن جي پويان لڪيل هٿن کي به  وائکو ڪيو،

دودو ڪيس ڪنهن فرد جو قتل نه  پر هي ٿر جي امن جو قتل هو جنهن سان هر باشعور سياسي ۽ سماجي فرد گڏ بيٺل آهن. دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ جنهن به  دودي جي وارثن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان جو گهيرو ڪبو. پرديپ ڀيل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته دودو ڀيل جي خون جو سودو نامنظور، ڪبير سنگهه ڀيل، بيرو لال ڀيل به دودو ڀيل جي خون جو سودو نامنظور لکيو.