اشو آف دي ڊي سن ۾ قبرون کوٽي لاش ڪڍڻ واري واقعي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي ڪاوڙ جي لهر، سخت ردعمل

0
302

 سن ۾ 13   قبرن مان لاش ڪڍرائي اجتماعي قبر ۾ دفنائڻ واري مامري تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ڏيکاريو ويو، ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته سن ۾ پيش آيل ان واقعي تي افسوس آهي، ان واقعي سان انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو آهي، جيڪو به ذميوار آهي ان کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، ان سلسلي ۾ انيلا رفيق ملاح ظفر شاهه جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هي اهو آهي جنهن انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، جنهن ملاحن جون قبرن جي بي حرمتي ڪندي انهن کي مسمار ڪيو آهي. جنهن تي شبير چانڊيو لکيو ته هن شخص سنڌ جهڙي مقدس ڌرتي ۽ صوفين جي رواداري کي داغدار ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، ايم حنيف سومرو لکيو ته ان کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، اصغر علي بجاراڻي لکيو ته هميشه سنڌ کي پيرن ۽ ميرن تباهه ڪيو آهي، علي نواز جلباڻي لکيو ته ظفر شاهه سنڌ جو تقدس پائمال ڪيو آهي ان کي سنڌ کان معافي وٺڻ گهرجي، عرفان سيلرو لکيو ته ظفر شاهه ملاحن جي 13 قبرن جي بي حرمتي ڪري پوري انسانيت توهين ڪئي اهي کيس گرفتار ڪري ڪيس هلايو وڃي،  ايم سليم مگسي لکيو ته انسانيت کان ڪريل حرڪت جي مذمت ڪجي ٿي،  گلزار ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ شهيد بشير قريشي هجي ها ته سن واقعي تي جسقم ايئن خاموش نه ويهي ها، سچ ۾ اڄ شهيد وڏو ياد پيو اچي، حفيظ هڪڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سن ۾ ملاح برادري سان نا انصافي جي سخت مذمت ڪجي ٿي، انسانيت جي تذليل ڪنهن به هٿان هجي برداشت نه ڪئي ويندي، جنهن تي مجاهد حسين ڏيرو لکيو ته افسوس جو سن ۾ اهو ٿيو، جيڪو امن ۽ پيار جو مرڪز رهيو آهي. عرفانه ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جا ملاح ۽ سڀ پورھيت ذاتين وارا ،سن ۾ جي ايم سيد جي پوٽي ظفرعلي شاھ پاران ملاحن جي قبرن کي مسمار ڪرڻ خلاف آواز بلند ڪن، پورھيت ذاتن کي گھٽ سمجھندڙ وڏيرن ۽ سيدن کي ڪو اختيار نه آھي ته ملاحن کي مرڻ پڄاڻا به تذليل ڪن، جنهن تي احمد خيام لکيو ته صرف ملاح نه پر پوري انسانيت مان ڪنهن به گهٽ سمجهڻ ۽ تذليل ڪرڻ جو ڪنهن کي به حق نه آهي، اهو انساني ڏوهه آهي ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي،  سيد رياض حسين لکيو ته ڪنهن هڪ جي ذاتي فعل جي ڪري پوري سيد برادري کي نشانو بڻائڻ غلط آهي،سيد دلدار علي لکيو ته هڪ ان سيد جنهن ملاحن سان انتهائي ناجائزي ڪئي آهي ان کي سزا ملڻ گهرجي، حميد بلوچ لکيو ته هن عمل سنڌي سماج کي لڄايو آهي، سيد علي رضا شاهه لکيو ته سڀ سيد هڪجهڙا نه آهن جن ڪيو آهي صرف ان لاءِ لکيو وڃي، سيد نور بخاري لکيو ته سيد ذات کي نه ڳالهايو پر فرد جي عمل جي نندا ڪيو، سرفراز احمد لکيو ته جيڪي چون ٿا ته مسئلو ذات جو نه آهي ته پوءِ اهو ٻڌائين ته قبرون ڪهڙو ڏوهه ۾ کوٽيون ويون؟ غلام محمد ملاح لکيو ته سن ۾ ملاحن جون قبرون مسمار ڪري لاشن جا هڏا ڪڍي اجتماعي قبر ۾ دفن ڪرڻ واري عمل جيءُ جهوري وڌو آهي، ملاح ڪيترو عظيم قبيلو آهي شايد ظفر شاهه ان بابت نٿو ڄاڻي، سيد جلال شاهه کي مسئلي جو سنجيده حل ڪڍڻ گهرجي. عزيز جان ملاح لکيو ته اسان ته هميشه ٻڌو آهي ته دنيا ۾ ڀلي ڪيڏو به وڏو مقام حاصل ڪريو پر قبرون ته سنڀي جون هڪجهڙيون هونديون آهن، شهمير جان لکيو ته اهڙي عمل ۾ ملوث شخص کي گرفتار ڪيو وڃي، قائم علي خان لکيو ته انساني حقن جي لتاڙ جي مذمت ڪريون ٿا، پنهل لاڙڪ لکيو ته ظفر شاهه جو پنهنجو ڪردار آهي ان جو سائين جي ايم سيد جي ڪردار سان ڪو به واسطو نه آهي، هاشم ميمڻ لکيو ته هن ڪڌي ڪرتوت کي سائين جي ايم سيد سان نه ڳنڍيو وڃي، علي احمد سولنگي لکيو ته هي ظفر شاهه جو ذاتي فعل آهي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي. شهزادو ملاح لکيو ته سن ۾ قبرن جي تذليل رڳو ملاحن جي ناهي پر پوري انسانيت جي تذليل آهي، حفيظ ملاح لکيو ته اسان ملاحن جيل ڪاٽي سيدن کي اڳواڻ ڪيو تاريخ گواهه آهي، هنن کي پنهنجي رويو درست ڪرڻ گهرجي،  عبدالقدوس پنهور لکيو ته ملاح برادري سنڌ جي سونهن سڃاڻپ آهي، ظفر شاهه هڪ شخص آهي، جنهن ڏوهه ڪيو آهي ان کي سزا ملڻ گهرجي، وقار ڪوريجو لکيو ته جي ايم سيد جو پوٽو لکڻ ضروري آهي ڇا؟ امداد سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سن جي سيدن مان ڀلي پنهجي باھه ڪڍو پر اهو به لکو ته ظفر شاهه پنهجي خاندان کان پري آهي ۽ پيپلزپارٽي جو حصو آهي، سيد جلال محمود شاھ ته ملاحن سان گڏ بيٺو آھي، جنهن تي نديم بوزدار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سن ۾ قبرن جي بي حرمتي ڪندڙ پ پ اڳواڻ ظفر شاهه کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، حمير حيدر لکيو ته جهڙي به پارٽي سان ان جو تعلق ان هجي کيس گرفتار ڪيو وڃي، زيب سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سن واقعو، لاشن جي بي حرمتي ته حيوان ڪندا آهن، جنهن تي احسان علي ميراڻي لکيو ته سن جي سيدن ملاح برادري جي دفنايل لاشن کي اهو چئي ڪري قبرن مان ڪڍرايو ته هي سيدن جو قبرستان آهي، برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڳي ٻڌندا هئاسين ته برهمڻن جي مندر ۾ اڇوت پوڄا به نٿو ڪري سگهي، هاڻي چون ٿا ته سيدن جي قبرستان ۾ امتي دفن نٿا ٿي سگهن، جنهن تي محمد ابراهيم ميمڻ لکيو ته اهو ٻهراڙي ۾ سلسلو رهيو آهي قبرستان ۾ سڀني جا پاڙا ۽ ڪالونيون الڳ آهن، رزاق عاصي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ ڀوري ڀيل جي لاش جي بيحرمتي تي سائين جي ايم سيد جي ڏنل شعور مزاحمت ڪئي، اڄ سيد جي پيرانديءَ ۾ مهاڻن جي ورهين کان پوريل وجودن جي بيحرمتي ڏسي سيد جي روح سان گڏجي سنڌو درياءَ به رنو هوندو، اياز علي رانجهاڻي لکيو ته سن ۾ قبرن جي بي حرمتي ڪندڙ شخص انسانيت جو ڏوهاري آهي، بخشڻ مهراڻو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مون نه ايئن ڪو ڄاتو هو سنڌڙي اهڙا ڏينهن به ڏسندي، مٽي جي ڪا ذات به هوندي، مٽي سيد، ملاح ٿيندي؟ جاويد کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سن ۾ قبرن جي بي حرمتي ڪندڙ پ پ اڳواڻ ظفر شاهه کي گرفتار ڪيو وڃي، حيدر ملاح پوسٽ شيئر ڪئي ته ظفر شاهه کي گرفتار ڪيو وڃي، خليل چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته زيادتي ملاحن سان نہ پر سنڌ سان ٿي آھي، اسد چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنگرئي جي مسلمانن کي ڀوري ڀيل جو لاش پنهنجي قبرستان ۾ قبول نه هو ۽ سن جي سيدن کي ملاحن جا مڙهه، مسرور کهڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سن واقعو افسوسناڪ آھي ۽ ڪنھن ھڪ شخص جي ڪريل حرڪت سان سموري برادري توڙي ڪٽنب کي نٿو ملائي سگھجي، راجڪمار وڻجارا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڪثر چوندو آھيان ته جڏهن ٻيلي کي باھه لڳندي آهي ته پھريان سڪل ۽ سنھڙيون ڪاٺيون سڙنديون ۽ پوءِ سڄو ٻيلو رک ٿي ويندو. ملاحن جي قبرن جي توھين سن جھڙي پاڪ ڌرتي تي ٿي آهي. جيڪڏهن ٻيلي کي بچائڻ چاھيو ٿا ته مذهبي انتھاپسندي جي ھر شڪل کي رد ڪريو.ذڪيه اعجاز پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي حرڪت جي ڪو فرقي پرست يا ڪو ڪند ذھن مذھبي ماڻھو ڪري ھا ته ، سڄي سنڌ احتجاجن ، رستي تي نڪري اچي ھان،!!! پر ھي نفرت ۽ نسل پرستي جو اظھار ، ان قوم پرست گھراڻي ڪيو آهي ، جنھن کي اسان جديد سنڌ جو تصور ۽ ان جو رستو ڏيکاريندڙ سمجھون ٿا!! جيڪي محنتي ماڻھو ، ملاح ، دريائن ۽ سمنڊ ن جا سينا چيري ، سڄي دنيا تائين مڇي جھڙو انمول تحفو پھچائن ٿا انھن ڌرتي ڌڻين جي لاشن کي به سيد سڳورا برداشت نه ٿا ڪن، جنهن تي گلبدن جاويد مرزا لکيو ته 21هين صدي ۾ اهڙي عمل ڪرڻ جي الائي ڇو ضرورت پئي، اهڙِ عمل جي مذمت ڪريون ٿا، جمشيد هاليپوٽو لکيو ته ظفر شاهه قومپرست نه پر پ پ جو وڏيرو آهي،  ولي ناريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سيدن ملاحن جي قبرن جي توهين نه ڪئي آهي پر جي ايم سيد ۽ سندس نظريي جي تذليل ڪئي آهي. حسيب لطيفي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌرتي ڌڻين جون قبرون کوٽائي ظفر حيدر شاھ سائين جي ايم سيد جي فڪر جي توهين ڪندي سائين جي روح کي رنجايو آهي، امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جلال شاهه کان مطالبو سندس سياست جي ڪري نه پر ان ڪري ڪيو پيو وڃي جو سندس اباڻي قبرستان ۾ سندس خاندان جي فرد پاران ملاحن جي قبرن جي تذليل ٿي آھي ۽ خاندان جي وڏي ھئڻ جي حيثيت م کيس ئي ان جو ازالو ڪرڻ کپي. جلال شاهه ملاحن جي قبرن جو تقدس بحال ڪندي ٻيھر تدفين ڪرائي ته سندس خلاف سياسي سازش ڪرڻ وارا پنھنجو موت پاڻ مري ويندا، اھو پنھنجي اباڻي قبرستان مان اڇاليل ھڏن جي قبرن جي تقدس کي بحال ڪرائي ٻيهر تدفين ڪري ته کيس جھڪي سلام ڪبو.  محسن رند، ساگر عالماڻي، محسن جويو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس يو پي سربراهه سيد جلال شاهه جو وقتائتو موقف سامهون آيو آهي، جلال شاهه چيو آهي ته سن واقعو ڏکوئيندڙ، خراب ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، قبرن جي بي حرمتي ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، سنڌ ۾ سيد ۽ ملاح هڪ جيترا ئي محترم آهن، افسوس مون خلاف منهنجا پنهنجا استعمال ٿي رهيا آهن جن جا ڪي لڪيل مقصد آهن قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي،جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سن جي واقعي تي سڄي سنڌ کي سخت ڏک رسيو آهي ۽ انجي سخت مذمت به ٿي آهي ۽ ڪرڻ به گهرجي. سندس هڪ پوٽي جي ڪري سائين جي ايم سيد کي ان ۾ اجايو گهلڻ مناسب ناهي، سائين ان سوچ جو حامل ڪڏهن به نه هو.سائين جي ايم سيد ته پنهنجن ڪتابن ۾ اسلامي انقلاب کان پوءِ مسلم توسيع پسندي کي عرب سامراجيت سڏيو هو. بهتر ٿيندو ته خاندان جا سڀ ذميوار فرد انجي واضح مذمت به ڪن، ان ڪُڌي عمل کان لاتعلقي ظاهر ڪن ۽ انجو اخلاقي طور تدارڪ به ڪن.جوابدار تي قانوني قدم به کڄڻ گهرجي.

                         ‏نه آئون اوهان جو مرشد آهيان نه اوهان منهنجا مريد آهيو، اوهين سڀ آزاد آهيو، اسين سماجي طور سڀ انسان برابر آهيون.         سائين جي ايم سيد

                         سن جون ڪشاديون گليون، ڪيڏيون نه سوڙهيون ٿينديون پيون وڃن..ملاحن جي مڙدن کي سيدن جي مرحومن کان پري ڪريو. هي ظفر شاهه سن کي ڪهڙو تعارف ڏيارڻ چاهي ٿو…سڀني جا هڏا ڪڍي به ڇڏين پر ان ماستر غلام قادر ملاح جي ھڏن کي ڪيڏانهن ڪندا، جنهن پوري زندگي سيد کي سهارو ڏيندي گذاري. (نثار کوکر جي پوسٽ)