اشو آف دي ڊي راڻيپور ٽول پلازا تي سماجي اڳواڻ مٿان تشدد: سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر

0
493

راڻيپور ٽول پلازا تي سياسي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نظير کوکر ۽ ساجد مڱريو مٿان ٽول پلازا جي عملي پاران تشدد ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن بعد سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ڏيکاريو ويو ۽ عملي خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ منظور جلباڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته راڻيپور ٽول پلازا تي گارڊن جي غنڊا گردي، سياسي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نظير کوکر ۽ ساجد منڱريو عوامي سٿ راڻي پور جي صدر مٿان راڻيپور ٽول پلازا تي سخت تشدد ڪيو ويو آھي ، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ۽ اعليٰ ادارن کي چتاءُ ٿو ڏجي ته ٽول پلازا انتظاميا تي ايف آءِ آر ڪٽي وڃي ۽ ڌاري لوڌ کي نيڪالي ڏئي سنڌي ماڻھن کي روزگار مهيا ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو، ٽول پلازا تي سرڪاري آفيسرن توڙي ججن سان به بدتميزي جا واقعا ٿي چڪا آهن. جنهن تي ذيشان ياسين جوڻيجو لکيو ته هنن صرف ڪارڊ گهريو بس هنن رڙيون ڪيون تيز ڳالهائڻ بعد ڳالهه ضد تي اچي وئي جيڪڏهن ڪارڊ گهرن ٿا ته ڏيکاري ڇڏيو، ممتاز ڏاهاڻي لکيو ته اسان ٽول پلازا جي عملي جي اهڙي رويي جي مذمت ڪريون ٿا انهن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي.همٿ علي شاهاڻي، شعيب سيال، آصف علي جلباڻي، عاصم ابڙو به مذمت ڪئي. خليق الزمان لکيو ته اسان جي معزز شهرين کي ٽول ٽيڪس ادا ڪرڻ گهرجي باقي رستي ويندي ٽول ملازم ڇو ڪنهن سان وڙهندا. انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته راڻيپور ٽول پلازا تي سينيئر قومي ڪارڪن ڊاڪٽر نظير کوکر تي سخت تشدد جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، سنڌ اندر هر ٽول پلازا عزتدار شهرين تي تشدد ڪن ٿا سنڌ حڪومت کي گهرجي ته انهن خلاف قدم کڻي، جنهن تي سنتوش راجپوت لکيو ته ٽول پلازا ۾ صرف سنڌي ملازم ڀرتي ڪيا وڃن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، ماجد چانڊيو، شهزاد جلباڻي، وحيد چانڊيو، امتياز ڏاوچ، طارق گهمرو، جان محمد سهتو، اياز خان، حاڪم لغاري، عرفان بلوچ ۽ ٻين مذمت ڪئي، منصور ٿيٻو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته راڻيپور ٽول پلازا جي عملي طرفان ڊاڪٽر نذير کوکر مٿان تشدد جي سخت مذمت ڪيون ٿا. جنهن تي محمد حسين لکيو ته ٽول پلازا عملي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، ديدار عالماڻي، فيض محمد چانڊيو، عبدالحميد، اعجاز پنهيار، امجد ٽانوري، ضمير انصاري، عمران رسول، مير خادم حسين ٽالپر، حسين ٽانوري، حسيب مهر، گل مير خاصخيلي ۽ ٻين مذمت ڪندي ٽول پلازا عملي خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي.يحيٰ ٻپڙ تشدد واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته آئون فلسطينين تي ٿيندڙ اسرائيلي ظلم ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ هندستاني ظلم جي خلاف آهيان، اگر وڊيو ۾ ڏيکاريل عمل اسرائيلين يا هندوستانين طرفان ڪيل آهي ته ٻُڌائجو مذمت ڪرڻي آهي. جنهن تي اسلم کهڙو لکيو ته پيشي جي لحاظ کان ارڙھين گريڊ جو ڊاڪٽر نظير کوکر جيڪو راڻيپور مان فيملي سان سفر تي نڪري ٿو، ان تي ٽول پلازا جا ملازم تشدد ڪري کيس بيهوش ڪري ٿا ڇڏين، ان جي ايف آءِ آر ڪرڻ لاءِ ايس ايڇ او پيو چوي ته مون کي انهن غيرمقامي ماڻھن تي ايف آءِ آر ڪرڻ ۽ کڻڻ جو اختيار ڪانهي.