اشو آف دي ڊي/اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال ۽ طيبه گل جو مامرو: سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
205
اشو آف دي ڊي/اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال ۽ طيبه گل جو مامرو: سوشل ميڊيا تي ردعمل

 نيب جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال مٿان عورت کي هراسان ڪرڻ واري الزام تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، جسٽس جاويد اقبال شُڊ رزائن هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊز ۾ شامل رهيو. ايم نورالحق لکيو ته جاويد اقبال کي شرم اچڻ گهرجي، معيذ نقوي لکيو ته جاويد اقبال کي استعيفا ڏيڻ گهرجي، جهانگير به استعيفا جو مطالبو ڪيو، پير عبيدالله لکيو ته جاويد اقبال کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، اسد علي لکيو ته ان کان اڳ جو هي ٻاهر ڀڄي وڃي هن جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي، عائشه غازي لکيو ته اها سوچ ئي ڪيڏي تڪليف ڏيندڙ آهي ته جسٽس جاويد جهڙو ڪردار اسان جي ملڪ ۾ جج رهيو جنهن جي فيصلن تي اپيل ممڪن ناهي، اهڙا ماڻهو تڏهن ئي اڳتي اچي ويندا آهن جو ڀرپاسي به اهڙا ئي ڪردار موجود هوندا آهن. صبا چوڌري لکيو ته جاويد اقبال پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو، سياستدانن، استادن ۽ واپارين تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ۽ بليڪ ميلنگ سان عورتن کي هراسان ڪيو، کيس سزا ڏني وڃي، اويس غور لکيو ته جيڪڏهن طيبه گل جا الزام درست آهن ته عمران خان خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي مجبور عورت سان ايئن ڪيو ويو،

علينه الياس وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ چيو ته طيبه گل الزام هنيو آهي ته عمران خان سندس وڊيو ذريعي نيب کي بليڪ ميل ڪري پنهنجي ڪيسن ۾ رليف ورتو، عمران خان ته اهو چئي چڪو آهي ته نيب ڪو ڪم ئي ناهي ڪيو ان جي ڪا ڪارڪردگي ناهي رهي، طيبه گل سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو غلط آهي پر اها ڪا ٻار ناهي ان کي خبر هئي ته ڇا ڇا ڪري سگهجي پيو قانوني طريقا هئا، اهي اختيار ڇو نه ڪيا، اهو عمران خان خلاف هڪ پلان آهي. محسن اشرف لکيو ته جسٽس جاويد اقبال خلاف مڪمل انڪوائري ٿيڻ گهرجي، خوفناڪ انڪشاف ٿيا آهن، وڊيو ۽ آڊيوز انصاف ۽ احتساب کي يرغمال بڻائي رکيو هو. شاهزيب خانزاده وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته طيبه گل چيو آهي ته جڏهن وزيراعظم جي پورٽل تي هراساني جي شڪايت ڪئي ته عمران خان پاڻ مليو ۽ چيو ته مديني جي رياست آهي اوهان کي انصاف ملندو، پوءِ منهنجي خلاف ايف آءِ آر ٿي وئي، نيب چيئرمين جي وڊيو ليڪ ڪري ڇڏي مون کي انصاف نه ڏياريو ويو، هراساني جو ڪيس استعمال ڪري حڪومت جاويد اقبال کي بليڪ ميل ڪيو. عامر نسيم لکيو ته ڪنهن ڪمزور انسان جي پريشاني جو فائدو ورتو ويو، طيبه گل جي مجبوري جو عمران خان ۽ جاويد اقبال ٻنهي فائدو ورتو.

سهيل احمد لکيو ته پروفيسر جاويد اقبال ڊپٽي سيڪريٽري قانوني رهيو، پوءِ بلوچستان يونيورسٽي ۾ پروفيسر ڀرتي ٿيو، سيشن جج پوءِ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو، چيف جسٽس ٿيو، سپريم ڪورٽ جو جج ٿيو، چيئرمين پريس ڪائونسل آف پاڪستان ٿيو، ايبٽ آباد ۽ گم ٿيل ماڻهن بابت جوڙيل ڪميشن جو سربراهه رهيو، اڄ هو ميڊيا جي عدالت ۾ بيٺل آهي. آمنه جنجوعا به ٽرينڊ ۾ حصو وٺندي جاويد اقبال جي استعيفا جو مطالبو ڪيو، وقار سيٺ لکيو ته مون کي حيرت آهي ۽ اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته جاويد اقبال اڃا تائين مسنگ پرسنز ڪميشن جو چيئرمين ڪيئن آهي.اسد اڪبر لکيو ته اهڙي شخص کان استعيفا ورتي وڃي ۽ کيس فوري طور گرفتار ڪرڻ گهرجي، ملڪ رضوان احمد لکيو ته رياست مدينه ۾ هڪ عورت سان وقت جو قاضي هراسان ڪري ٿو، عورت وقت جي خليفي وٽ فرياد کڻي پهچي ٿي، خليفو انصاف ڏيڻ بدران عورت کي وڌيڪ هراسان ڪري ٿو، قيد ڪرائي ٿو ۽ ان جا ثبوت ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪري ٿو، قاضي عهدي تي مقرر آهي، ڪامران شاهد لکيو ته هڪ عورت الزام هڻي ٿي ته کيس وزيراعظم هائوس ۾ 45 ڏينهن تائين قيد رکيو ويو، ان مامري جي جاچ ٿيڻ گهرجي.ساحل لکيو ته طيب گل ۽ سندس مڙس ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن اهو به ٻڌايو وڃي انهن اهو سڀ ڪجهه پئسي لاءِ ڪيو، رفيه رياض لکيو ته طيبه گل کي ڪرپٽ شريفن پاران استعمال ڪيو پيو وڃي.