اشو آف دي ڊي … اٽو سستو ڪريو يا ڦاهي ڏئي ڇڏيو، غريب ماڻهو خودڪشيون پيا ڪن، عوام اٿيو ته حڪمرانن جا بنياد لوڏي ڇڏيندو

0
239

 اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته غريب ماڻهو اٽي لپ لاءِ پريشان آهن، مزدور ماڻهن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، خدارا اٽو سستو ڪريو، 700 رپيا ڏهاڙيدار مزدور 5500 رپيا مڻ اٽو ڪيئن وٺي ٻچن جو پيٽ پاليندو؟، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته لڳي ٿو ته سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪرڻ سان حڪمران کي ڪجهه ڪو نه ٿيندو، گڏ ٿي روڊ رستا بند ڪرڻا پوندا، اهو به چيو ويو ته حڪمرانن اٽو سستو نه ڪيو ته هي غريب ماڻهو حڪمرانن جا بنياد لوڏي ڇڏيندا، ان حوالي سان شبير ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڊيارو ۽ آسپاس جي شهرن ۾ اٽو مھانگو ٿيڻ خلاف چمن بازار جي دڪاندارن احتجاج ڪيو، ظالم حڪومت غريبن کان ٻن ويلن جي ماني کائڻ جو حق به کسي ورتو آهي،  اٽو 140کان150 رپيا  ڪلو وڪامجي رھيو آهي پر انتظاميا اگهور ننڊ ستل آھي، وس وارا فوري رليف ڏيارين نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ڪامريڊ علينه سنڌو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته 2023ع ۾ اٽو پنج ھزار رپيا  مڻ  ٿيڻ کان پوءِ فقيرن سان ڀَڄ ته پڄاءَ واري راند ٿيندي،  ڏيڻ ته ٺھيو پر  فقيرن کان پنيل آٽو به کسڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جنهن تي لکمير مهر لکيو ته جيترو ھن ويڊيو کي وائرل ڪيو آهي مذاق طور ايترو اٽي جي باري ۾ لکو ھا ته غريبن لاءِ آساني ٿي سگهي ٿي، عبدالرشيد جيسر وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته 140 رپيا ڪلو اٽو، اٽو کپي پيٽ جي لاءِ اٽو ، مزدورن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو خدا کي مڃو ، خدارا اَٽو سَستو ڪريو يا جج کي چئو ته سڀني غريبن تي ڦاسي جو آرڊر  ڪڍي، اظهر الدين نهڙيو به دردناڪ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته روٽي ڪپڙا مڪان ڏيڻ واري پارٽي سنڌ ۾ اٽي جو ريٽ 5500 رپيا مڻ تي پھچايو آھي، پنج سو رپيا في ڏھاڙي ڪمائيندڙ  مزدور 5500 رپيا مڻ اٽو ڪيئن وٺي ٻچن جو پيٽ پالي سگهندو؟، ظالمو اٽو سستو ڪريو، شبير حسين پالاري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته اٽو زندگي آھي، تاريخ گواهه رهندي جڏهن به ڪو غريب اٽي تائين نه پهچي سگهندو ته سائين اعجاز علي شاهه شيرازي ضرور ياد ايندو جيڪو ايوانن ۾ غريب جي سستي اٽي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو هو، سنڌ حڪومت کي ٿورو شرم ڪرڻ گهرجي غريبن لاءِ اٽو سستو ڪرائڻ لاءِ ڪو قدم کڻي، شفقت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته افسوس جو روٽي، ڪپڙا اور مڪان جو نعرو هڻندڙ جماعت سنڌ ۾ اٽو مهانگو ڪري غريب کان وات جو سڪو گرهه به کسڻ چاهي ٿي، سنڌ حڪومت اٽي جو اگهه ۽ مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، ساجد علي لکيو ته هي جيڪي 2300 رپيا مڻ اٽي تي مهانگائي مارچ ڪري رهيا هئا هاڻي 4500 رپين تي خاموش ويٺا آهن، امير گبول لکيو ته اٽي جو ريٽ گهٽايو ، غريب عوام بچايو . خدارا هي ٽرينڊ هلايو، حڪمرانن کي غيرت ڏياريو، رشيد آزاد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مِٺُو ولد لاکو ڪولھي ڳوٺ ابن جو تڙ اٽو مهانگو ٿيڻ ڪري ٻچن کي بکيو ڏسي نيٺ تنگ ٿي کوهه ۾ٽپو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ايندڙ ڪجھه ڏينهن اندر لکين انسانن جو خودڪشين ۽ بک وگهي مرڻ جو انديشو آهي،  هي وقت حڪمرانن خلاف رڳو ڳالهائڻ نه پر پوري عوامي قوت سان مزاحمت ڪرڻ جو آھي، اٽو 5000 رپيا مڻ نامنظور….اهڙي پوسٽ تي شيراز درس، زاهد خاصخيلي، آفتاب سومرو، محبوب محمد، عبدالمجيد پنهور، رستم سومرو، سڄڻ چارو ۽ ٻين افسوس جو اظهار ڪيو، ايم اي جوکيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خدا جو خوف ڪريو ظالمو صرف اٽو ئي ته آهي غريبن لاءِ اھو ته گھٽ ڪريو خدا خدا ڪري عمران مان جان ڇٽي وري ھي ظالم اچي مٿي ۾ لڳا آهن، الهداد خان جمالي، اعجاز نهڙي، چيتن لال ڀيل به اٽو  مهانگو ٿيڻ خلاف پوسٽون شيئر ڪيون، ثانيه پروين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته کاڌي پيتي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن، خاص ڪري اٽو. غريب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن. هي وقت آهي ته زبردستي مڙهيل حڪمرانن جو گهيرو تنگ ڪيو وڃي. بُک کان وڌيڪ اوهان جي ماٺ اوهان کي کائي ويندي. منور سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اٿو سڀ هڪ ئي آواز ٿيو ته جيئن سنڌ حڪومت کي شرم اچئي هڪ غريب جيڪو 700 رپيا ڏهاڙي ڪمائي ۽ انهن جي گهر ۾ 5،7 گهر ڀاتي آھن ته اهو ويچارو 700 مان ڇا وٺي، اٽو وٺي يان کنڊ، چانھه، کير وٺي يا گيھه وٺي  سبزي وٺي يا آخر ڇا ڇا وٺي هي درد اهو ئي سمجهي سگهي ٿو جيڪو غربت مان گذريو هوندو، خدارا ڪنهن جو آواز بڻجو، اهو نه سوچيو ته اسان کي فلاڻو وڏيرو يا MPA  مارائي ڇڏيندو جيڪر اسان حق سچ لکنداسين مرڻون اڄ به آهي سڀاڻي به آهي جيڪر توهان ڪنهن جي حق جو آواز بڻجي ماريا ويا ته تاريخ توهان کي ياد رکندي، اٿو سڀ ئي هڪ آواز بڻجو اٽو سستو ڪريو ۽ جيئڻ جو حق نه کسيو عوام کان، ساگر علي پنهور وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ظالمو اٽو سستو ڪريو نه ته غريبن جون ھي آنھون  دانھون اوھان جا بنياد لوڙھي ڇڏينديون، روشن علي سنگراسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مولانا صاحب هن وقت ڀلا ڪٿي پيو گزارين 2500 رپيا مڻ  اٽو ۽ 150 رپيا لٽر پيٽرول تي تنھنجي نڪتل لانگ مارچ ڪنھن سستائپ لاءِ هو يا نه ؟ نيهال ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنجاب ۾ اٽو 2600 رپيا ۽ سنڌ ۾ 4600 رپيا مڻ ! ذميوار ڪير آهي.؟ جنهن تي مير خان شر لکيو ته سنڌ جا ناھل حڪمران، نياز محمد لنڊ لکيو ته سنڌ ۾ ظلم ڪريو ويٺا آهن ڪير ڳالهائي نٿو، مختيار علي ڏاهاڻي لکيو ته پ پ سرڪار ذميوار آهي، ايم ابراهيم ڳاهو لکيو ته سنڌي ماڻهو ذميوار آهن جيڪي نا اهلن کي ووٽ ڏئي اسيمبلي ۾ پهچائين ٿا، بشير پنهور لکيو ته سرڪار ذميوار آهي، فيضان ضياءَ لاڙ لکيو ته اٽي جو ريٽ مون کان ڪيئن ٿو وسري سگهي ٽيون ڏينھن مڻ اٽي جو پنج ھزارن ۾ ڪوٽڙي مان ورتو آهي اندر ۾باهه ٿي ٻري ڪرپٽ بي ايمان حڪمرانن تي، شاهد مير سهتو لکيو ته ڪڻڪ سنڌ جي آهي پنجاب وٽ پاسڪو اداري سنڌ مان خريد ڪيل ڪڻڪ ڏني ۽ يوڪرين مان آيل سنڌ جي ڪڻڪ به خيبرپختونخوا کي کپائي وئي ۽ اسان واري سنڌ حڪومت جي ڪڻڪ وري وڏن واپارين جي پيٽ ۾ وئي،حيدر سنڌي لکيو ته ان جي ذميوار پنجاب حڪومت آهي اها سستو اٽو ڇو ٿي کپائي. زوار دلدار علي پوسٽ شيئر ڪئي ته ووٽ ڏئي اقتدار ۾ چورن کي آڻي ھاڻي دانھون ڪندا وتو اٽو سستو ڪريو، ان مھل نچڻ ۾ پورا ھوندا آھيو اسان وٽ رئيس پاڻ ھلي آيو ھو ھاڻي اٽو به رئيس کي چئو ته سستو ڪري، حفيظ شر، مارومل آسناڻي، سعيد احمد، محمد امين چوهاڻ، سردار سميجو، اياز حيدر جت، قمر آزاد مهر، چندن ڪمار، ماجد سمون، شڪيل سهتو،  ڪنور گل ميگهواڙ، بشير شيخ، رياض احمد سنڌي، فضل الرحمان لاشاري، جاويد پليجو ۽ ٻين به اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف پوسٽون شيئر ڪيون.