اشو آف دي ڊي … ايس يو پي پاران جي ڊي اي ۾ شموليت: هاڻ سنڌ ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهنديون: سوشل ميڊيا تي بحث

0
283

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي (ايس يو پي) جي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (ڊي جي اي) ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، ڪنهن ايس يو پي جي اهڙي فيصلي کي درست قرار ڏنو ته ڪنهن وري ان کي غلط فيصلو قرار ڏنو، سوشل ميڊيا تي ايس يو پي ۽ جي ڊي اي مٿان تنقيد به ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته هاڻي سنڌ ۾ جلد کير ۽ ماکي جون نديون وهندي ڏسنداسين. ان حوالي سان شاد کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اهي ڏينهن به ڏسڻا هيا، جواني ۾ پيرن ميرن ۽جاگيردارسردارن جي خلاف نعرا پئي هنيا، سائين جلال محمود شاهه جي ڊي اي سان اتحاد ڪري پيري ۾ جاگيردار سردارن پيرن ميرن جا نعرا هڻائيندو، جنهن تي فدا حسين هيسباڻي لکيو ته اليڪشن جو اتحاد آهي، بابو کوسو لکيو ته سنائي سيد ڪڏهن ضميرن جي تجارت ناهي ڪئي، ڪڏهن ذاتي مفادن خاطر ڌرتي ۽ ساٿين سان ويساھ گھاتي ناهي ڪئي، جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي اميد ته سنڌ جي بھتر مستقبل لاءِ سٺو ثابت ٿئي،  ميان گل منير لکيو ته وڏيرا وڏيرن سان ئي بيھندا آھن، ھر طبقو پنھنجي طبقي جو ئي ساٿاري ٿيڻ پسند ڪندو آهي، مير شعبان جکراڻي لکيو ته پاور پاليٽڪس ۾ ايئن ئي ڪرڻو پوندو، باغي افضل لکيو ته هي اليڪشن اتحاد ٿيو آهي، حسن ڪلهوڙو لکيو ته سنڌ ۾ پ پ مخالفن جو اتحاد آهي جيڪو غلط به ناهي، بالاچ دشتي لکيو ته پارٽي جو فيصلو وقتائتو آهي، اعجاز حسين لکيو ته سٺو فيصلو آهي، محمد حنيف کوسو لکيو ته فيصلو سٺو آهي اوهان پريشان نه ٿيو، عبدالرزاق بهلڪاڻي لکيو ته تنقيد سٺو عمل ناهي اتحاد جا سٺا نتيجا نڪرندا، زريات بجاراڻي لکيو ته سيٽ ايڊجسٽمينٽ ذريعي ٻنهي ڌرين کي فائدو ٿيندو، ڪامريڊ رضا محمد بهڻ لکيو ته جي ڊي اي جو مطلب هي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس آهي، اهو سڀني پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻ واري اتحاد جو نالو آهي، جي ڊي اي خود پارٽي نه آهي.امام الدين سرڪي لکيو ته قوم کي پ پ مان جان ڇڏائڻ لاءِ ھي اتحاد فائديمند ثابت ٿيندو ايس يو پي پنھجي واضع ۽ چٽي موقف سان جي ڊي اي جو حصو بڻي آھي 10 ئي نڪتا چٽا ۽ واضع آھن، گلشن لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سِنڌ يونائيٽيڊ پارٽي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس ۾ شامل، سيد خاندان ۽ پاڳاري خاندان جو گڏجي سياست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪي  ڳالھيون طئي ڪيون ويون آهن  اھي سنڌ جي ڀلي واريون آھن، پر  ھي خاندانن کان اڳتي جي سياست جو دور آهي،  ھڪڙي ڀٽي خاندان جي نالي تي سنڌ تباھ ٿي چڪي آهي،  ٻيو ته  پاڳاري صاحب وارن جي سياست صرف اسٽيبلشمينٽ وسيلي حصو وٺڻ تائين محدود رھي ٿي،  انھن وٽ سياسي پارٽي نه  پر  مريدن جي جماعت آھي،  جي انھن وٽ پارٽي ھجي ھا ته سنڌ کي ٻي ڪنھن پارٽي جي ضرورت نه  پوي ھا،  جي ڊي اي وٽ سنڌ لاءِ موجودا  وقت لاءِ ڪھڙو  منشور/ ايجنڊا  آهي  ڪا خبر ڪانھي،  بس اليڪشن اتحاد آهي، بھر حال ڏسجي ته  ڇا ٿو ٿئي. جنهن تي ناشا رحيمالي لکيو ته هن وقت اسٽيبلشمنٽ جي خيمي ۾ ڪهڙيون ڌُريون ويٺل آھن. ڪير پيو جمهوريت جي نالي ۾ آمريت وارا ڪم ڪرائي. اڳي جيڪي جماعتون اسٽيبلشمنٽ سان گڏ هيون انهن هي ڪار ڪونه ڪئي جيڪا اڄڪلھه پي ڊي ايم واريون جماعتون ڪن پيون. هي اهي لاڏلا آھن جن لئه هن ملڪ جي تاريخ ۾ گهڻو ڪجھه آمريت کان به بدتر ٿيو آھي جنهنکي هنن لاڏن جمهوريت کان به بدتر ڪيو آھي. ۽ سنڌ جي ليکڪن انهن جماعتن جي ان طرز عمل کي سڌي اڻسڌي طرح سپورٽ ڪيو آھي. هن وقت پي ٽي آئي کانسواء ڪهڙي جماعت آھي جيڪا صعوبتون سهي رهي آھي. عبدالستار سومرو لکيو ته ھن دور ۾ پاڳاري جا مريد پاڳاري جي چوڻ تي ووٽ نٿا ڏين صرف رڳو نعرو رھيو آھي ڀلي گذريل بلديات جي اليڪشن ۾ نئون ڪوٽ جي حد جا نتيجا ڏسو ته حقيقت ظاھر آھي. عبدالستار ڏاهري، خليل ڀرڳڙي، عقيل جوکيو پوسٽ سان اتفاق ڪيو. رضا ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪار جو پيٽرول ختم ٿي ويو، هاڻي تارن تي سفر ڪندا، کٽيو جڏهن ڪار تان ئي نه هيئون ته هاڻي تاري سان ڇا ڪندا؟ نعمت کهڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سِنڌ يونائيٽيڊ پارٽي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس ۾ شامل، سيد خاندان ۽ پاڳاري خاندان جو گڏجي سياست ڪرڻ جو فيصلو، جنهن تي آزاد گهلو لکيو ته جي ايم سيد کانپوءِ سيد خاندان پنھنجي سياسي حيثيت وڃائي ويٺو وري به استحصالي وڏيرن وٽ ئي ته ويا، خالد رند لکيو ته ٿورا ڏينھن بچيا آھن، رڳو پ پ بچيل آھي، انھن سان به اتحاد ڪندا جڏھن  پ پ کي ضرورت پئي ھنن جي. اي بي مهر لکيو ته سٺو فيصلو آهي، علي رضا لکيو ته پارليامينٽ سنڌ جي مسئلن جو حل ناهي، عاشق ڳاهو لکيو ته زبردست فيصلو آهي، مسعود چنا لکيو ته پاڳاري صاحب مان سياسي طور تي ڀلائيءَ جي ڪا به اميد ناهي، لڪي نزاڪت علي شر لکيو ته ھر وفاقي حڪومت جا اتحادي رھندڙ پاڳارا پنهنجي شھر پيرڳوٺ لاءِ ڪجهه ناھن ڪري سگھيا ته وري سنڌ کي ڪھڙو سون ڪندا، سرور سنڌي لکيو ته مطلب ته پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرستن اھو سمجھي ڇڏيو آھي ته اليڪشن کٽڻ اسان جي وس جي ڳالھه ناھي ،تڏھن پيرن ،ميرن ،ڀوتارن سان اتحاد ڪين، عيدن جاگيراڻي لکيو ته بهترين فيصلو آهي، عمران علي لکيو ته اسان اهڙي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، لال زمان خان لکيو ته بهترين ۽ وقتائتو فيصلو آهي هي وقت هڪٻئي سان وڙهڻ نه پر گڏ هلڻ جو آهي،  مير حسن منگي به بهتر فيصلو قرار ڏنو، مبين اڄڻ لکيو ته اسٽبلشمينٽ جلال محمود شاهه ۽ زين شاهه کي ڪڏهن به اسيمبلي ۾ نه آڻيندي، بشير آريسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي وچ ۾ مفاهمت جو ياداشت نامو: 1. اسان سنڌ جي جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت لاءِ ثابت قدم رهنداسين. 2. اسان هميشه  خبردار رهنداسين ۽ بين الاقوامي قانون ۽ بين الاقوامي هيٺئين وهڪري جي حقن جي ضابطن موجب سنڌو درياهه، انڊس ڊيلٽا ۽ پاڻي جي وسيلن ۾ سنڌ جي حصي جي تحفظ کي يقيني بڻائينداسين. 3. اسان سنڌ جي هڪجهڙائي ڊيموگرافڪ استحڪام ، قانون موجب حڪمراني ۽  حڪمراني ڪرڻ لاءِ ان جي جمهوري حقن جي تحفظ ڪرڻ جي جدوجهد ڪنداسين. 4. اسان ٻين علائقائي ٻولين ۽ اردو سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ، واڌاري ، ترقي ۽ ان کي قومي ٻولي تسليم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪنداسين. 5. اسان سڀني قومي وحدتن جي وسيلن تي انهن جي مالڪي ۽ اختيارين جي حاصلات لاء گڏجي جدوجهد ڪنداسين. 6.  اسان ثقافتي ورثي، مذهبي رواداري ۽ اقليتن جي برابري وارن حقن جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ گڏجي جدوجهد ڪنداسين. 7. اسان قانون جي حڪمراني ۽ سٺي حڪمراني کي مضبوط ڪرڻ  جي جدوجھد ڪنداسين ۽ ظلم ۽ اقربا پروري جي مخالفت ڪنداسين. 8. اسان سمورن وفاقي ادارن ۾  سنڌ جي منصفاڻي حصيداري ۽ وفاقي سطح تي سمورن ضروري فيصلن جو لازمي حصو بڻجڻ جو حق يقيني بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪنداسين. 9. اسان سمورن  انساني حقن جي تحفظ لاءِ بيٺا آهيون ۽ جدوجھد ڪنداسين، جنهن ۾ هر شهري جي فڪر ۽ عمل جي آزادي سان گڏوگڏ عزت ۽ وقار سان جيئڻ جو حق به شامل آهي. 10. اسان ماحولياتي تبديلي جي بين القوامي پروٽوڪول جي حمايت ۽ ان تي عملدرآمد ذريعي سنڌ جي زمين، زندگي ۽ پاڻي جي آلودگي جي موجودہ خراب ماحول کان بچائڻ لاءِ تحفظ فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا، جيڪو بنيادي طور تي سنڌ جي عوام جي مفادن لاءِ نقصانڪار آهي. امر فياض پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هاڻي سنڌ ۾ جلد کير ۽ ماکي جون نديون وهندي ڏسنداسين. انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هئا اڳيئي گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا…ايس يو پي کي قوم پرستي جي سفر کان وطن پرستي جي هن سفر تائين شڀ ڪامنائون پيش ڪجن ٿيون.. حر نظام مهر لکيو ته اسان ته سمجهون ٿا جي ڊي اي هڪ چڪر وري ڏهه سال لاءِ پوئتي وئي هلي آهي، معظم عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ايس يو پي ۽ جي ڊي اي اتحاد ڪري ورتو، سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي گڏيل جدوجهد ۽ ايندڙ چونڊون جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان وڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تي زبير سومرو لکيو ته پ پ مخالف مضبوط اتحاد سنڌ لاءِ لازمي ضرورت آهي، اعجاز خاصخيلي لکيو ته غريب جو ڪير به ناهي اهي اتحاد عوام جي فلاح لاءِ ناهن، هر ڪو پنهنجو پيٽ جو پورائو ڪري ٿو، حبيب الرحمان ڪيريو لکيو ته هنن کي هڪ موقعو ملي ته ثابت ڪري ڏيکاريندا، باقي ڳالهين سان ڪجهه نه ٿيندو، سيد مجتبيٰ لکيو ته هڪ موقعو هنن کي ملڻ گهرجي، رضا ٻٻر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وقت ۽ حالتن مطابق ايس يو پي ۽ جي ڊي اي جو اتحاد درست فيصلو آھي، گلزار ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس يو پي جي ڊي اي جو حصو ٿي وئي! ايندڙ اليڪشن جي ڊي اي جي چونڊ نشان تي وڙھڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ساحل جويو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي ڊي اي ۾ شامل ٿي وئي…جي آر چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ايس يو پي ۽ جي ڊي اي اتحاد ڪري ورتو چونڊون به جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان وڙھڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، رسول بخش ٿيٻو ۽ٻين ٽائيم نيوز جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ،جي ڊي اي ۾ شامل ڇو ٿي ۽ ايس يو پي پيپلزپارٽي مخالف سياست ڇو ضروري آهي ؟ ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جو   ٽائيم نيوز جي پروگرام ٽائيم لائين تي وضاحتي موقف ٻڌندا. ذيشان ٻگهيو، مير مهراڻ راڻو، قلندر خان مري، عمر فاروق ۽ ٻين به اهڙي اتحاد بابت پوسٽون شيئر ڪيون.