ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ وفد جي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان ملاقات، امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار، ڪالهه پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير الزمان، شهزاد قريشي، رابعه اظفر ۽ ٻين ڪي پي او پهچي ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب منهاس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفد شهر ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مٿس زور ڀريو ته امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. وفد چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم ۽ قتل جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي، وفد پوليس چيف کي تجويزون پڻ پيش ڪيون. ملاقات بعد خرم شير زمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ منشيات عام آهي، مافيا ٻارن کي پنڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي، هن چيو ته لاڏلن آفيسرن کي ڊي آءِ جي لڳايو وڃي ٿو، ميرٽ تي مقرريون نه ٿيون ٿين، ڪچي ۾ اغواڪندڙن جو راڄ آهي، آپريشن ۾ آرمي جي مدد ورتي وڃي، سنڌ حڪومت رينجرز کي وڌيڪ اختيار ڏئي