اسيمبلي ڪڏهن ٽوڙجي؟ آصف، بلاول ۽ شهباز اڄ اهم مشاورت ڪندا

0
114
اسيمبلي ڪڏهن ٽوڙجي؟ آصف، بلاول ۽ شهباز اڄ اهم مشاورت ڪندا
اسيمبلي ڪڏهن ٽوڙجي؟ آصف، بلاول ۽ شهباز اڄ اهم مشاورت ڪندا

اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات رٿيل آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ اسيمبلي جي مُدي ۽ نگران سيٽ اپ تي صلاح مشورا ڪيا ويندا

ذريعن موجب پي ڊي ايم ۽ پيپلزپارٽي جو اهم اجلاس خميس تي طلب ڪرڻ جا امڪان آهن

اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ تي مشاوت ڪئي ويندي، متحده جي وفد پاران به سڀاڻي وزيراعظم سان ملاقات ڪرڻ جا امڪان آهن

متحده جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي پارٽي اڳواڻن کي اجلاس لاءِ اسلام آباد گهرائي ورتو، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽسوري، فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال اڳ ئي اسلام آباد ۾ موجود آهن

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاڪستان کي نگران سيٽ اپ بابت اعتماد ۾ وٺندو

هن کي به پڙهندا

قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو في الحال فيصلو نه ٿي سگهيو