اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ پورهيت نياڻي سميت احتجاج ڪندي بااثرن تي مارڪٽ ۽ ٻڪريون ڦرڻ جو الزام هنيو آهي، ڳوٺ مريد جو تڙ واسي پورهيت محمد حسن وسائي پوٽو ٻڌايو ته اسان پنهنجي ٻني ۾ فصل ڪٽي رهيا هئاسين ته برادري جي بااثرن حملو ڪري اسان کي مارڪٽ جو نشانو بڻائي 12 ٻڪريون ڪاهي ويا ۽ نياڻي جا زيور ڦري ورتا، هن چيو ته دانهن کڻي پوليس وٽ وياسين پر پوليس هڪ به نه ٻُڌي، اسان کي ٻني تي به اچڻ نٿو ڏنو وڃي، ٻني ۾ سمورو فصل مال کائي رهيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.