اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا ترميمي آرڊيننس ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

0
322
تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا ترميمي آرڊيننس ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آھي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا ترميمي آرڊيننس ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آھي،

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا ترميمي آرڊيننس بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جو چوڻ آھي تھ پيڪا ترميمي آرڊيننس آئين خلاف آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيڪا آرڊيننس قانون خلاف هو

پيڪا آرڊيننس آرٽيڪل 9، 14 19 ۽ 19 اي خلاف آهي، آرٽيڪل 19 شهرين کي اظهار جي آزادي جو حق ڏي ٿو، پيڪا آرڊيننس تحت ٿيندڙ سموريون ڪارروايون غيرقانوني آهن

عدالت جو چوڻ آھي تھ پيڪا آرڊننس جا متاثر ماڻهو لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪري سگهن ٿا، پي ايف يو جي ۽ ٻين صحافتي تنظيمن پيڪا ترميمي آرڊيننس خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي

ھي به پڙھندا

صحافي تنظيمن پيڪا آرڊيننس کي عدالت ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو