اسان خلاف سازشون اڄ به جاري آهن: بلاول ڀٽو زرداري

0
287

اسلام آباد: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان سليڪٽڊ کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائي اهو سمجهيو ته سازشون هاڻي ختم ٿي ويون، پر اسان غلط هئاسين، سازشون اڄ به جاري آهن، هڪ سال کان سازشون هلي رهيون آهن

قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته ملڪ جي خاطر هڪ سال کان سازشون برداشت ڪندا رهياسين، هاڻي گڏجي سازشن جو مقابلو ڪرڻو پوندو

هن چيو ته  بهادر ۽ غيرتمند جج به تاريخ ۾ هميشه موجود رهيا آهن، اسان هڪ ٻه نه پر ٽن آمرن کي ڀڄائي چڪا آهيون، اسان کي خبر آهي ته هر آمر جعلي ۽ سليڪٽڊ سياستدانن کي اڳيان آڻيندو آهي

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته سياستدانن کي هڪٻئي سان ڳالهين جا در بند نه ڪرڻ گهرجن، ماضي ۾ جن به ڳالهين جا در بند ڪيا، فائدو  ٽئين ڌر کنيو

هي به پڙهندا

موجوده صورتحال ۾ في الحال چونڊون نه ٿيون ڪرائي سگهجن: اسحاق ڊار