مون کي لڳي ٿو پاڪستان ۾ اليڪشن ٿيڻ نه پئي ڏني وڃي: چيف جسٽس

0
89
جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو: چيف جسٽس
جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس چيو آهي ته مون کي لڳي ٿو پاڪستان ۾ اليڪشن ٿيڻ نه پئي ڏني وڃي، عدالتون اليڪشن جي لاءِ هر سياسي جماعت جي پٺيان بيٺل آهن، اسان اهو ڪيئن چئون ته فلاڻي پارٽي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيو ۽ فلاڻي پارٽيءَ جا رد ڪيو؟ ٽربيونلز ۾ وڃي اپيلون داخل ڪيو، ان کانپوءِ ايندا  ته توهان کي ٻڌنداسين

ليول پليئنگ فيلڊ بابت پي ٽي آءِ جي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ، پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته اسان کي خبر آهي ته 35 پنڪچرز جي ڳالهه به هن ئي عدالت ۾ ٿي هئي

چيف جسٽس چيو ته اهي ڳالهيون ان وقت جي ججز رد ڪيون هيون، لطيف کوسا چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي جيڪو ڪرڻو آهي اهو نه پيو ڪري

 چيف جسٽس چيو ته اهو چيف اليڪشن ڪمشنر به توهان جو لڳايل آهي، هتي ڪير به ذميواري قبول ڪرڻ وارو نه آهي، توهان جي توهين عدالت واري سموري درخواست پڙهي آهي، هن ۾ ڪو به الزام ناهي رڳو جنرل ڳالهيون ڪيون ويون آهن،  اليڪشن ڪميشن اسان جي حڪم تي عملدرآمد جي رپورٽ جمع ڪرائي آهي

 لطيف کوسا چيو ته اسان کي اها رپورٽ نه ملي آهي، چيف جسٽس چيو ته توهان کي اسان رپورٽ ڏئي ٿا ڇڏيون، لطيف کوسا چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو، چيف جسٽس چيو ته اسان توهان جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ هتي روز نه ويهنداسين، هي ڪو آکاڙو ناهي جو جنهن جو آواز اوچو هجي ان کي ٻڌون

 لطيف کوسا چيو ته اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اليڪشن ڪميشن وارا ٻڌائين ته هنن کي ليول پليئنگ فيلڊ ڇو نه پئي ملي؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هنن کي مڪمل ليول پليئنگ فيلڊ ملي رهي آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

هي به پڙهندا

آئين ۾ هر سزا جو مُدو آهي ته تاحيات نااهلي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو سزا ڪاٽڻ کانپوءِ به ڪڏهن چونڊون نه وڙهي سگهندو: عدالت