ارشاد رانجهاڻي جي وارثن طرفان دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو چئلينج

0
163

ارشاد رانجهاڻي جي وارثن طرفان دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو چئلينجڪراچي: ڪراچي ۾ سرعام قتل ڪيل نوجوان ارشاد رانجهاڻي جي وارثن دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي

 ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءُ پاران قتل ڪيس ۾ جوابدار رحيم شاهه کي ٻڌايل سزا ۽ فيصلي خلاف اپيلون داخل ڪيون ويون

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻئي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏيندي جوابدار رحيم شاهه ۽ واڳيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

 اپيلن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحيم شاهه کي گهٽ سزا ٻڌائي بري ڪري ڇڏيو، رحيم شاهه کي قلم 302 تحت موت جي سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي

 ارشاد رانجهاڻي جي وارثن جي وڪيلن محمد خان شيخ، سيد اسد شاهه ۽ ٻين چيو ته رانجهاڻي جي قاتل کي سزا ڏيارڻ لاءِ نئين سر قانوني جنگ شروع ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته عدالتن مان انصاف ملندو

هي به پڙهندا

جيستائين بااثرن جو نااهل اولاد پيدا ٿيندو سفارش ختم نه ٿيندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ